آمريڪي ايئر فورس جي رن وي تي واڳونءَ جي انٽري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ايئر فورس جي هڪ ايئر بيس جي رن وي تي واڳون اچي ويو.
اختيارين موجب فلوريڊا ۾ ميڪڊل ايئر فورس بيس جي رن وي تي ايندڙ واڳون کي ويجهي درياهه ۾ ڇڏيو ويو.
ايئر فورس بيس هڪ فيس بُڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته واڳون ماڻهن جي نظرن کان بچندو فضا ۾ ري فيولنگ لاءِ استعمال ٿيندڙ جهاز جي لينڊنگ گيئر ۾ گهڙي ويو.
واڳون جي موجودگي تي فلوريڊا فش اينڊ وائلڊ لائف ڪنزرويشن سڪميشن جي آفيسرن کي طلب ڪيو ويو، جن واڳون کي پڪڙي ويجهي هلز بورو نالي درياهه ۾ ڇڏي ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.