پُوڙهي ۽ ٿُلهي چوڻ سان فرق ناهي پوندو: لارا دتا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا لارا دتا چيو آهي ته پُوڙهي ۽ ٿُلهي چوڻ سان فرق ناهي پوندو.
هڪ انٽرويو ۾ اداڪارا ۽ مس يونيورس 2000 لارا دتا جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي وڌيڪ فالوونگ نه هجڻ باوجود به ٽروولنگ ۽ تنقيد کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
اداڪارا هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته منهنجي سوشل ميڊيا تي وڌيڪ فالوونگ ناهي، پر ان باوجود به سوشل ميڊيا تي اهي شيون شيئر ڪندي آهيان، جيڪي منهنجي لاءِ خاص هجن ، ۽ منهنجي چاهيندڙن کي پسند اچن، سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهو ايندا ئي ناڪاري تبصرن لاءِ آهن، انڪري انهن کي نظرانداز ڪرڻ ۾ ئي سڪون ملندو آهي.
هن ٻڌايو ته مونکي لڳندو آهي ته مان خوشنصيب آهيان جو مون تي وڌيڪ ٽرولنگ ۽ نامناسب تبصرا ناهن ٿيندا، راءِ رکڻ هر ڪنهن جو حق آهي پر ڪنهن کي ٿُلهو يا پوڙهو چوڻ سان ڪو فرق ناهي پوندو پر ماڻهن جي سوچ جي خبر پئجي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.