ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر حياتي بچائيندڙ دوائن جي کوٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر حياتي بچائيندڙ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي.
ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر انسولين سميت ٻيون دوائون مارڪيٽ ۾ اڻلڀ ٿي ويون، دوائن جي کوٽ سبب مختلف مرضن ۾ مبتلا مريض ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ڊرگ انسپيڪٽرز انڪشاف ڪيو ته ڪراچي ۾ انسولين سميت 27 دوائون اسٽورن تي موجود ناهن، جنهن کانپوءِ سنڌ جي ڊرگ انسپيڪٽرز کي اڻلڀ دوائن جي سروي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
سيڪريٽري صوبائي ڊرگ ڪوالٽي ڪنٽرول بورڊ سنڌ سيد عدنان رضوي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ دوائن جي کوٽ بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان اختيارين وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ به 30 اهم دوائون مارڪيٽ ۾ موجود ناهن، انهن ۾ اينٽي بائيوٽڪس، نفسياتي ۽ دماغي مرضن، سَهڪي جون دوائون شامل آهن، جڏهن ته ٽيٽنس جي انجيڪشن ۽ مختلف قسمن جي انهيلرز جي به کوٽ آهي.
هوڏانهن ڊريپ اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ ۾ دوائن جي کوٽ ناهي، سپلاءِ چين جا ايشوز ٿي سگهن ٿا، هفتيوار بنياد تي دوائن جي موجودگي جي سروي ڪرائيندا آهيون، انسولين وڏي مقدار ۾ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.