نيپال پهچڻ تي ويسٽ انڊين ڪرڪيٽرن عجيب صورتحال جو شڪار، وڊيو وائرل

کٽمنڊو ( ويب ڊيسڪ ) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي نيپال پهچڻ تي رانديگرن طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت ٿيلها مني ٽرڪ ۾ لوڊ ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد واهپيدار تپي باهه ٿي ويا آهن.
گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي ويسٽ انڊين ٽيم جي نيپال پهچڻ تي هڪ وڊيو سامهون آئي هئي جنهن ۾ رانديگرن پنهنجو سامان مني ٽرڪ ۾ لوڊ ڪرائيندي نظر اچي رهيا آهن.
وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ نيپال ۾ ڪرڪيٽرن لاءِ سهولتن جي کوٽ تي سوشل ميڊيا وهپيدارن طرفان تنقيد جو سلسلو جاري آهي.
ان ڏس ۾ زمبابوي جي اسٽار آل رائونڊر سڪندر رضا پنهنجي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي وڊيو شيئر ڪندي هڪ ٽوئيٽ ڪئي.
سڪندر رضا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته مون کي پورو يقين آهي ته نيپال بهترين ميزبان ثابت ٿيندو ۽ ويسٽ انڊيز جا رانديگر ايشيائي ملڪ نيپال ۾ ترسڻ دوران ڪنهن شئي جي شڪايت نه ڪندا.
واضح رهي ته ويسٽ انڊين ٽيم ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نيپال جو دورو ڪري رهيو آهي، ان دوري دوران ويسٽ انڊيز جي اي ٽيم نيپال جي سينيئر مينز ٽيم خلاف پنج ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.