آمريڪا ۽ چين ۾ ويجهڙائي، ٻنهي ملڪن جي اهم اڳواڻن جي ملاقات

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني صدر شي پنگ ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان ملاقات ڪئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي صدر شي پنگ ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جي ملاقات بيجنگ ۾ ٿي.
ان موقعي تي چيني صدر شي جن پنگ جو چوڻ هو ته ڪجهه مهينن اندر ٻنهي ملڪن جي ٽيمن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه وڏي اڳڀرائي آهي.
چيني صدر چيو ته ٻنهي ملڪن کي اختلاف ختم ڪري گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، چين آمريڪا جي خوشحالي ۽ پراعتمادي تي خوش آهي، اميد آهي ته آمريڪا به چين جي ترقي تي هاڪاري نظر رکندو، هاڻي به ڪيترائي مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.