مريم نواز جي پوليس وردي ۾ تصوير تي شوبز شخصيتون به فدا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ماضيءَ ۾ پاڪستان کي مشهور فلمون ڏيندڙ اڳوڻي اداڪارا نور بخاري پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز جي خوبصورتي جي تعريف ڪئي آهي.
گذريل ڏينهن وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز پوليس جي وردي پائي ليڊي ڪانسٽيبل جي پاسنگ آئوٽ تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي، جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل آهن.
مريم نواز کي پوليس جي وردي ۾ ڏسي جتي ان مٿان تنقيد ڪئي پئي وڃي ته اتي وري مشهور شخصيتون کيس تعريفون به ڪري رهيون آهن.
مشهور ميزبان مديحا نقوي مريم نواز جي تصوير تي تبصرو ڪندي پنهنجي انسٽاگرام جي پوسٽ ۾ چيو ته توهان منهنجي باري ۾ جيڪو به سوچيو پر اهو سچ آهي ته مون ڪڏهن به ايتري سهڻي وزير اعليٰ ناهي ڏٺي.
مديحا نقوي جي انسٽاگرام پوسٽ تي ڳالهائيندي نور بخاري چيو ته مريم نواز شريف حقيقي زندگي ۾ وڌيڪ خوبصورت آهي، ڪيمرا هن جي خوبصورتي سان انصاف ناهي ڪندو، الله تعاليٰ مريم کي وڌيڪ خوبصورت ٺاهيو آهي.
ٻي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد چيو ته پوليس جي وردي پائڻ ڏوهه آهي، جنهن جي قانون ۾ سزا موجود آهي، مريم نواز خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.