چيني شهرين جي سيڪيورٽي وارو معاملو، حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي گهرو کاتي چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ ٻن ڏينهن تائين بلٽ پروف گاڏيون نه وٺڻ وارا پروجيڪٽ بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پنجاب جي گهرو کاتي سي پيڪ کانسواءِ ٻين رٿائن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي واري معاملي تي ڊي آءِ جي اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ کي خط لکي ڇڏيو.
خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ٻن ڏينهن ۾ بلٽ پروف گاڏيون نه وٺڻ وارا پروجيڪٽ بند ڪيا ويندا.
گهرو کاتي پنهنجي خط ۾ بلٽ گاڏيون خريدڻ يا ڀاڙي تي حاصل ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي.
گهرو کاتي موجب، چيني شهرين جي سيڪيورٽي ۽ بلٽ پروف گاڏين لاءِ پهريان ئي آگاهه ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.