ابرارالحق ڪترينا سان فلم جي آفر ڇو ٺڪرائي ڇڏي؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ميوزڪ انڊسٽري جي مشهور فنڪار ابرار الحق انڪشاف ڪيو آهي ته ان کي ماضيءَ ۾ بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف سان گڏ فلم جي آڇ ٿي هئي.
تازو ئي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ابرار الحق کان پڇيو ويو ته توهان کي ڪڏهن پاڙيسري ملڪ ڀارت کان ڪم جي آڇ ٿي آهي؟ ان تي فنڪار جواب ۾ چيو ته مونکي ڀارت کان ڪيترن ئي ميوزڪ البم جي آڇ ٿي هئي، پر مونکي معاهدن جون شرطون سمجهه نه آيون.
ابرار الحق جو چوڻ هو ته معاهدي جي شرطن ۾ هيو ته مونکي والاريل ڪشمير ٻين اشوز تي ناهي ڳالهائڻو انڪري مون ڀارت کان ٿيندڙ آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏي، ڀارت جهڙو ملڪ جتي اظهار جي آزادي جو خيال رکيو ويندو هجي اتي گهٽ ۾ گهٽ اهڙي ڳالهه نه ڪئي وڃي.
هن ٻڌايو ته مونکي ڀارت جي مشهور ڪمپني فلم جي آڇ به ڪئي هئي، فلم جي ڪاسٽ ڪترينا ڪيف به شامل هئي پر مون اها آڇ به ٺڪرائي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.