يوٽيوب جي نئين اپڊيٽ بعد واهپيدار وڏي ڏچي ۾ پئجي ويا

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل تازو ئي اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ يوٽيوب جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ اپڊيٽ متعارف ڪرائي آهي، واهپيدارن کي ان اپڊيٽ بعد ڪيترائي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
ڪارڪردگي جي بهتري ۾ پلي بيڪ پرفارمنس جي اعليٰ ريزوليشن ۾ ڏيکائڻ جڏهن ته خاص اينڊرائڊ ڊيوائسز ۾ بيٽري جو گهٽ استعمال شامل هيو.
فوربز موجب ڪجهه يوٽيوب واهپيدارن شڪايت ڪئي آهي ته جڏهن کان گوگل dav1d  نالي سافٽ ويئر اپ گريڊ کي يوٽيوب ۾ فعال ڪيو آهي، ان ڏينهن کان بيٽري سميت ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهيون.
لنڪڊ ان تي هڪ پوسٽ ۾ گوگل سافٽ ويئر ڊيولپمنٽ مينيجر عارف ڊڪيسي جو چوڻ آهي ته dav1d  کي استعمال ڪندڙ ڊيوائس p320 720 کي ڊڪوڊ ڪري سگهن ٿا.
اپگريڊ لاءِ اهل اينڊرائڊ ڊيوائسز اهي آهن جن ۾ پهرين ئي مشهور اي وي 1 وڊيو فارميٽ لاءِ هارڊويئر سپورٽ موجود ناهي، في الحال صرف نون ڊيوائسز ۾ بلٽ ان سپورٽ موجود آهي ۽ تنهن ڪري ڪيترائي پراڻا ڊيوائسز بيٽري تيزي سان ختم ٿيڻ سميت ٻين مسئلن جو شڪار ٿي سگهن ٿا.
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.