آءِ بي اي ڪراچي بي ايس سي اي پروگرام لاءِ ڊبليو ڪيٽيگري ماڻي ورتي

ڪراچي: (پ ر) انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ڪراچي جي اسڪول آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس (ايس ايم سي ايس) اعلان ڪيو آهي ته نيشنل ڪمپيوٽنگ ايجوڪيشن ايڪريڊيٽيشن ڪائونسل (اين سي اي اي سي) سندن بي ايس ڪمپيوٽر سائنس پروگرام کي ‘W’ ڪيٽيگري جي ايڪريڊيٽيشن سان نوازيو آهي.

اهو اعزاز 2019، 2020 ۽ 2021 جي بيچز لاءِ ڏنو ويو آهي.

ان کان اڳ هلندڙ سال انسپيڪشن ٽيم اداري جو دورو ڪري اين سي اي اي سي معيارن جي جاچ ڪئي هئي ۽ امتحانن ۽ سهولتن جو جائزو ورتو هو.

اجلاس ۾ ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ايس اڪبر زيدي، ڊين ايس ايم سي ايس ڊاڪٽر شڪيل خواجا، چيئرپرسن ڪمپيوٽر سائنس ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر شاهد حسين، ڊائريڪٽر ڪيو اي سي ڊاڪٽر ثنا توصف، سي ايس فيڪلٽي ۽ ڪيو اي سي ۽ ايس ايم سي ايس ٽيم شرڪت ڪئي ۽ اداري ۽ تعليمي معيار بابت عزم جو اظهار ڪيو.

اعليٰ تعليمي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ آءِ بي اي سمورن ڊگري پروگرام جي معيار کي يقيني بڻائي رهيو آهي. تازي اڳڀرائي ان عزم جي عڪاسي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.