ايمن خان جي همشڪل ڇوڪري کي واهپيدارن ”چائنا جي ايمن خان“ قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اداڪارا ايمن خان جي همشڪل ڇوڪري مونا ليزا جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد عجيب تبصرا ڪيا پيا وڃن.
ڪجهه ڏينهن پهريان سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ ايمن خان کي ڊانس ڪندي ڏٺو ويو هو، واهپيدارن طرفان وڊيو غور سان ڏسڻ بعد ۾ خبر پئي ته اها ڇوڪري ايمن خان نه پر ڪا ٻي آهي.
وڊيو ۾ ايمن خان جي شڪل رکندڙ ڪنهن شادي تقريب ۾ بالي ووڊ فلم عشق زادي جي گاني ڇوڪرا جوان تي رقص ڪندي ڏٺو ويو هو، جنهن بعد ايمن خان جا پرستارن کيس سوشل ميڊيا تي عجيب تبصرا ڪندي تنقيد جو نشانو بڻايو هو.
بعد ۾ واهپيدارن ايمن خان جهڙي شڪل رکندڙ ڇوڪري “مونا ليزا” کي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪمينٽس ۾ تنقيد جو نشانو بڻائيندي ”چائنا جي ايمن“ قرار ڏنو.
واهپيدارن جي تنقيد تي مونا ليزا انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪندي جواب ڏنو ته “ مون ناهي چيو ته مان ايمن خان آهيان، ماڻهو پاڻ چريا ٿي ويا آهن، جيڪي منهنجي تصويرن ۽ وڊيوز تي ساڙ ۾ ڪمينٽس ڪري رهيا آهن”.
مونا ليزا واهپيدارن کي خبردار ڪندي لکيو ته منهنجي اڪائونٽ کان پري رهو ڊائريڪٽ ميسج ۾ ماڻهن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.