مارڪ زڪر برگ کي هڪ ڏينهن ۾ 50 کرب رپين جو نقصان

ميٽا جو چيف ايگزيڪٽو هڪ ڏينهن ۾ 18 ارب ڊالرن ( 50 کرب پاڪستاني رپين) کان محروم ٿي ويو.
هن جي ملڪيت ۾ گهٽتائي جي خبر ٽي ماهي آمدني رپورٽ ۾ سامهون آئي آهي، نتيجي ۾ ميٽا جي ملڪيت نمايان گهٽتائي ٿي آهي.
آڪٽومبر 2022ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي جڏهن مارڪ زڪربرگ کي هڪ ڏينهن ۾ مالي نقصان ٿيو آهي.
حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ڪمپني جنوري کان مارچ 2024 دوران ميٽا جي ڪاروباري ماڻهن جي اڳڪٿي کان وڌيڪ آمدني ۽ نفعو ڪمايو، پر اپريل کان جون تائين گهٽ آمدني جي اڳڪٿي ڪئي وئي.
انهن ٻڌايو هو ته هن سال انهن شعبن ۾35 کان 40 ارب ڊالر خرچ ڪيا ويندا، اهڙي اعلان بعد ميٽا جي ملڪيت ۾ گهٽتائي ٿي ۽ مارڪ زڪر برگ به اربين ڊالرن کان محروم ٿيو.
18 ارب ڊالرز جي گهٽتائي باوجود هاڻي به هو 155 ڊالرن جو مالڪ آهي، پر ايلون مسڪ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جو ٽيون امير ترين شخص بڻجي ويو آهي.
ياد رهي ته مارڪ زڪر برگ جي اثاثن ۾2022 دوران 100 ارب ڊالرن جي گهٽتائي ٿي هئي.
ان کانپوءِ مارڪ ميٽا جي هزارين ملازمن کي فارغ ڪندي ٻيا ڪيترائي اهم قدم کنيا هئا جن ذريعي ان جي دولت ۾ اضافو ٿيو هو.
ميٽا جي مالڪ کي اهڙو نقصان پهريون ڀيرو ناهي ٿيو، 2022ع جي شروعات ۾ مارڪ زڪر برگ پنهنجي ملڪيت مان 30 ارب ڊالرن تان هٿ ڌوئي ويٺو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.