نيوزيلينڊ چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 4 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 4 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ڪيوي ٽيم طرفان مليل 179 رنسن جي هدف پويان قومي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 174 رنسون ٺاهي سگهي.
پاڪستان طرفان فخر زمان 61 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، افتخار احمد 23، عماد وسيم 22، صائم ايوب 20، عثمان خان 16 رنسون ٺاهيون.
ان کان اڳ نيوزيلينڊ مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهيون، ٽم روبنسن 51 رنسن جي اننگز کيڏي، ڊين فوڪس ڪرافٽ 34، ٽام بلنڊل 28، ڪپتان بريس ويل 27 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ 5 ميچن جي سيريز ۾ 1-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.