اعليٰ ڪردارن کان محروم ٿيندڙ سماج  !

تحرير؛عبدالوهاب منشي

اڄ  جسٽس رشيد اي رضوي بابت ، ڪجهه نوٽس پڙهي رھيو ھئس،تھ ڪيئي خيال ذھن کي وڪوڙي ويا. ڇا تھ سائين جي شخصيت ھئي. ھو وڏي ڪمال وارو بي مثال ماڻھو ھو ،جمھوريت پسند انسان ۽  سنڌ جي ماڻھن جو حقيقي گھڻ گھرو ۽ عوام جو خيرخواهه .

مون کي احساس ٿي رهيو آهي ته جنھن تيزي سان ايڏا بلند سطح جا ماڻهو گذاري رهيا آهن،پر ان جي لاءِ ھن سماج ۾ انھن جي جاءِ ڀرڻ لاءِ اھڙن ڪردارن جي کوٽ ٿي رھي آھي سو ايندڙ وقت ۾ هن  سماج جو ڪهڙو حشر ٿيندو، چڱن ماڻهن جي شديد کوٽ پئدا ٿي رھي آهي،  ڇا سماج توھان کي ٻيهر اھڙا املهھ ماڻڪ پئدا ڪري نٿو ڏئي سگهي!

کاٻي ڌر جي ميدان ۾ شهيد نذير عباسي ۽ ڄام ساقي جي وڃڻ کانپوءِ ھي سماج توھان کي ٻيو نذير عباسي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي ڇو نه پيو پيدا ڪري ڏئي ؟ ائين ڇو ٿي رهيو آهي ته جسٽس راڻا ڀڳوان، جسٽس سجاد علي شاهه،  جسٽس رحمت حسين جعفري ۽ جسٽس سيد ديدار حسين شاهه جھڙيون شخصيتون عدليه جي هن دنيا ۾ پيدا نه ٿي رهيون آهن.

مان  پنھنجي مختصر زندگيءَ ۾ وڏن وڏن سياست دانن سميت ملڪ جي سطح جي ليڊرز جا سڌي ريت انٽرويو ڪيا آھن پر مونکي ڳولڻ سان بھ مخدوم امين فهيم، پير پاڳارو مردان شاهه جھڙا قدآور ماڻھو نھ پيا ملن ائين مون کي ادب جي دنيا ۾ شمشير الحيدري، شيخ اياز، فهميده رياض جي پويان  انھن جي تسلسل ۾ ترقي پسند دنيا جا ماڻھو ڇو نظر نھ پيا اچن!؟ ھڪڙي دور ۾ سنڌ جي اڪثر نوڪرشاھي  2000ع تائين سنڌ جي سرڪاري ادارن جي ڪمانڊ ڪندي هئي، اھي نوجوان سنڌ حڪومت ۾ وڏي شخصيت مرحوم (سينيٽر) شيخ عليءَ جي بدولت  بيوروڪريسي ۾ داخل ٿيا ھئا.اڄ اسان جي سنڌي بيورڪريسي جو جيڪو حال آھي  ان تي ڪو تبصرو ڪندس ڇاڪاڻ جو ھمراھ ڪاوڙجي  ويندا.

صحافت جي ميدان ۾ ،جيڪڏهن اسان 1947ع  کان شروع ڪريون تھ وڏا وڏا نالي وارا صحافي ھئا. جن ۾ محمد بخش جوهر سراج، انور پيرزادو، فقير محمد لاشاري، خير محمد کوکر، غلام محمد کوکر، سائين لائق سنڌي، عثمان اجميري،شهيد انصار نقوي ھي اهي ماڻهو هئا جن وٽ اخلاقيات بھ  هئي اڄ توهان کي ان پائي جا ماڻھو ڇو نظر نھ پيا اچن.يقينن اھڙا عظيم ماڻھو نھ رهيا آھن!

هن وقت صحافت جي دنيا ۾ اھڙا ماڻھو نظر نٿا اچن. جيڪي پنهنجي اصولن تي وقت جي فرعونن سان مقابلو ڪندا هئا.بدقسمتيءَ سان هاڻي اهي نالا سامهون اچي رهيا آهن جيڪي حڪمران کي چمچاگيري ڪرڻ جي مهارت رکن ٿا.اهي سائيڪلن تي آيا هئا، ھاڻي سڀئي  جھازن جا مالڪ آهن.

مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي، جڏهن مان 2007ع ۾ وڪالت جي دنيا ۾ داخل ٿيس. تڏهن اتي، ڪي بي سڪندر مرزا، اي جي آخوند، قاضي عبدالستار، عبدالشڪور منشي، چاچا ستار شيخ، رسول بخش پليجو، قاضي فيض محمد، جسٽس موسيٰ لغاري، پروفيسر احمد علي شيخ، ناصر حسين شاهه، جاويد بخاري جھڙا ڌرتي دوست ڪردار هئا.

مون پنهنجن بزرگن کان ٻڌو هو ته 1968ع ۾ هلال پاڪستان اخبار جي باني عبدالشڪور منشي جي آفيس ۾ سڄي ملڪ مان  اعليٰ پائي جا ماڻهو گڏ ٿيندا هئا، جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، قاضي فضل الله، ايوب کهڙو، جي ايم سيد، مير رسول بخش ٽالپر ۽ رئيس الله بخش مگسي شامل ھئا. اتي ڪچھريون لڳنديون ھيون.جتي عملي،ادبي ۽ سياسي ڳالھيون ٿينديون ھيون. هي اهي شخصيتون هيون، جن پنهنجي ضمير جي سودي ڪرڻ  بجاءِ سڄي عمر سچ ڳالهايو ۽ پنهنجي اصولن تي قائم رهيا.

هاڻي تھ نھ  اهو سماج رھيو آھي  ۽ نه ئي اهڙي قسم جون شخصيتون! هاڻي اسان جي قيادت،اسان جي ۽  اوهان جي سامهون آهي، تنهن ڪري اندازو ٿي  رهيو آهي، ته مرحوم رشيد اي رضوي جھڙا انمول ماڻھون صدين ۾ ٻيهر پيدا ٿيندا، ڪاش سماج ۾ اڳي جھڙا اٽل ڪردار  اڀرن..!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.