نريندر مودي ٽيون ڀيرو چونڊ کٽندو ته ڀارت کي ”هندو رياست“ بڻائي ڇڏيندو

تحرير: (قمر چيما/حامد ڀاشاني/نجم سيٺي جا تجزيا)

نريندرا چونڊ کٽي ٽيون ڀيرو ڀارت جو وزيراعظم ٿيو ته هندستان جي آئين ۾ ترميم ڪري ان کي هندو رياست بڻائيندو۔ جڏهن ته بي جي پي جي منشور ۾ انڊيا کي سلامتي ڪائونسل جي مستقل سيٽ ڏيارڻ جو نقطو به آھي ۽ ڀارت ۾ بي جي پي جي سرڪار ان مقصد لاءِ اڳڀرائي ڪندي۔ جڏهن پاڪستان، ايران ۽ افغانستان اسلامي رياست ٿي سگهن ٿا ته هندستان ڇو نه ٿو ٿي سگهي۔ هندستان جي حڪومت جمهوري طريقي سان ووٽ ذريعي هندستان کي هندو اسٽيٽ بڻائي سگهي ٿي پر ان لاءِ ڪنهن ٻئي ڪميونٽي تي جبر قبول نه آھي۔ جڏهن هندستان جي مسلمانن هندو اڪثريت کي حڪومت ملڻ جي ڪري پاڻ ھجرت ڪئي ۽ اتر-اوڀر ۾ جتي مسلمان اڪٽريت۾ ھئا ان طرف هليا آيا ته ان جو مطلب هو هندن کي اقتدارملڻ سبب انهن سان رهڻ نه پيا چاهين ۽ جتي اقتدار مسلمانن وٽ ھجي اتي وڃي رهڻ لاءِ ھجرت ڪئي ته پوءِ ڀارت کي هندو رياست بڻائڻ واري معاملي تي تنقيد ڪرڻ اجائي آھي۔ هندستان ۾ مسلمانن جي اڪثريت اڄ به پنهنجي سڃاڻپ عرب، ترڪ ۽ وچ ايشيا سان ڳنڍين ٿا جاڪا ڳالهھ هندستاني هجڻ جي نفي آھي.

1970ع کان 1990ع تائين پاڪستان اسلام سان جذباتي تعلق جي ڪري ڀارت کي ٻاهر رکيو ۽ مسلمان ملڪن جون هندرديون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو ۽ او آئي سي ۾ به هندستان کي جڳھه نه ملي پر 1990ع کان پوءِ ھندستان عرب دنيا ۾ پنهنجي جاء بڻائي ورتي ۽ اها نريندرا مودي جي وڏي ڪاميابي آھي۔

ڀارت جي ايندڙ چونڊ ۾ مذھب کي استعمال ڪيو پيو وڃي جيڪا ڳالھه جواهر لعل نهرو جي سڪيولرازم جي ابتڙ آھي ۽ گذريل ٻه چونڊون به بي جي پي مذھب جي بنياد تي کٽيون آھن۔ هاڻي هندو انڊيا جي ڪري هندستان اڳتي هلي ڪمزور ٿي ويندو ۽ هڪ اٿارٽرين انڊيا اڀرندو۔ هندستاني لبرل چون ٿا ته انڊيا پاڪستان جي تقيد ڪري رهيو آھي جڏهن ته هندستان ته وڏي عرصي کان پاڪستان تي تنقيد ڪري رهيو آھي. ضياءِ جي اچڻ کان اڳ پاڪستان به سڪيولر ملڪ هو ۽ آئين به سڪيولر هو۔ ضياء اسلامائيزيشن ڪئي ۽ آئين کي بدلائي شريعت ڪورٽون قائم ڪيون۔ هاڻي ٻئي سسٽم گڏوگڏ هلي رهيا آھن۔ انڊين لبرل چون ٿا ته هاڻي مودي به اهو ڪجھ ڪرڻ گهري ٿو۔ انڪري پاڪستان جي بربادي ٿي آھي ۽ ضياءِ مذھب کي جهڙي طرح تعليم ۾ شامل ڪيو آھي ان لاءِ پاڪستان اڪيلو ٿي ويو آھي۔ جڏهن ته باقي دنيا ۾ سڪيولر تعليم ۽ جمهوريت آھي۔ ضياء وٽ ووٽ نه هو انڪري مذھب کي پنهنجي مقصد لاءِ آندو۔ انڊيا ۾ عيسائي، ٻڌ ۽ ٻين مذھبن جا ماڻھون رهن ٿا۔ ڀارت ۾ مخالف ڌر مودي کي هندو ڀارت بڻائڻ کان روڪي نه سگهندي۔ ان جي خلاف ڏکڻ ھندستان مان وڏي مزاحمت اچي رهي آھي ۽ اتي مودي کي ڪا خاص حمايت حاصل نه آھي۔ ڪجهھ ڌريون اهو به چون ٿيون ته مودي 400 سيٽون نه کٽي سگهندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.