پ پ کي سنڌ نه 22 هزار ارب رپين جو ”ششٽم“کسجڻ جو خوف آهي: علي خورشيدي

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو آهي ته ڪراچي دنيا جو چوٿين نمبر سڀ کان بدترين رهڻ لائق شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي بلدياتي اختيارن واري ترميم کي 27هين آئيني ترميم جو حصو بڻجڻ نه ڏنو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته  پاڪستان پيپلز پارٽي عوام کي بااختيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. موجوده گورننس ماڊل ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو آهي،ايم ڪيو ايم پاران انتظامي يونٽن جي ڳالهه ڪئي وئي. وڏي تسلسل سان هيءَ ڳالهه انتظامي يونٽن بابت ايم ڪيو ايم سال 2013-14ع کان ڪندي پئي اچي. هن چيو ته  اڄ پورو پاڪستان ان ڳالهه تي بحث ڪري رهيو آهي ته جيڪو گورننس ماڊل 18هين ترميم کان پوءِ ڏنو ويو هو، اهو ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي. هن چيو ته نون صوبن جي بحث ۾ پ پ   ورهاست جي سياست شروع ڪري ڏني آهي. انتظامي مسئلي کي لساني مسئلو بڻائڻ ۾ پيپلز پارٽي بالڪل اڳڀري آهي.هن چيو ته پ پ جا وزير پنهنجي قد کان وڏيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن،مان کين چوان ٿو ته توهان جو پنهنجو قد ناهي، توهان منهنجي ليڊرن تي ڳالهيون ٿا ڪريو،قيادت تي ڳالهائيندا تو ان جو سخت جواب ملندو. هن چيو ته وڏي تڪبر سان ڳالهيون ڪندڙ زرداري جي صدارت،سينيٽ چيئرمين شپ جي ووٽ لاءِ  بهادرآباد ڇو آيا هئا؟ هي ماڻهن کي بيوقوف سمجھن ٿا. اصل بنيادي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا. هي ڪنهن به صورت ۾ قابلِ قبول ناهي.هن چيو ته  پيپلز پارٽي جي  قيادت آهي، اهي پنهنجي وزيرن کي لغام ڏئي وزيرن لاءِ، اڪيلو علي خورشيدي ڪافي آهي،هن چيو ته  اسان کي سنڌ کي  شاهن کان آزاد ڪرائڻو آهي ،سنڌ ته عام سنڌين جي آهي، سماٽن جي سنڌ آهي، ان تي شاهه قبضو ڪري ويٺا آهن، اسان سڀ کان وڏا سنڌي آهيون،هن چيو ته پيپلز پارٽي کي سنڌ سان ڪو چاهه ناهي، سنڌ سان غرض هجي ها تو ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر ٿيو هجي ها. پوري سنڌي قوم کي ڪهڙي ٽريڪ تي لڳائي رهيا آهيو ؟هن چيو ته مان سنڌي، اديبن، دانشورن، سڀني کان عرض ڪندس ته اسان جي ڳالهين تي سوچين ته هي ٿي ڇا رهيو آهي سنڌين سان؟ باقي قوميتن وارا چئي رهيا آهن ته اسان سنڌي بڻجي ويا آهيون!” مان چوان ٿوته اهي سنڌي ناهن بڻيا، توهان سنڌين جو حق ماري ورتو اٿن،انهن کي پيٽ ۾ مروڙ ان ڪري آهي ته ڇاڪاڻ ته  22 هزار ارب رپين جو ششٽم آهي، اهو ويندو نظر اچي رهيو آهي! عوام بااختيار ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.هن چيو ته  پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ڪشمور جي عوام جو حق ماريو آهي، سنڌ ۾ پاڻي نٿو اچي، سيوريج نظام، روڊ خراب آهن، تعليم ۽ صحت صحيح ناهي، ٽرانسپورٽ جو نظام بگڙيل آهي، هي سڀ ذميواريون صوبائي حڪومت جون آهن

You might also like