ٽرمپ جون ڌمڪيون: جنگ نه پر سفارتڪاري ئي ايران مسئلي جو حل آهي

عبدالمجيد نائچ

 ايران بابت آمريڪا جي موجوده پاليسيءَ مان سڀ کان اهم سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا عالمي تڪرارن کي طاقت، ڌمڪي ۽ فوجي دٻاءَ ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو، يا سفارتڪاري ئي اهڙو رستو آهي، جيڪو ڊگهي مدي ۾ ڪنهن قابلِ عمل نتيجي تائين پهچائي سگهي ٿو؟ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي عالمي فورم تان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران کي سخت نتيجن ۽ مڪمل تباهيءَ جون ڌمڪيون ڏيڻ کان پوءِ اهو سوال وڌيڪ اهم بڻجي ويو آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ساڳئي تقرير ۾ ٽرمپ اهو به تسليم ڪري ٿو ته ايران ڪنهن معاهدي جي طرف وڌڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ ايندڙ آمريڪي مڊٽرم چونڊن کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٺاهه جا امڪان موجود آهن.

گڏيل قومن جو قيام ئي ان مقصد لاءِ ٿيو هو ته دنيا جا ملڪ جنگ بدران ڳالهين، احترام ۽ گڏيل سهڪار وسيلي اختلاف حل ڪن. اهڙي اداري جي جنرل اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي ڪنهن ملڪ کي نسلن تائين تباهه ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ يقيناً عالمي سفارتڪاريءَ جي بنيادي روح سان ٽڪراءَ ۾ اچي ٿي. دنيا جي ٻين ملڪن جي اڳواڻن لاءِ به ضروري هو ته هو اهڙي زبان بابت پنهنجي ڳڻتي ظاهر ڪن، ڇاڪاڻ ته عالمي فورمن تي طاقتور ملڪن جا بيان رڳو هڪ ملڪ تائين محدود نٿا رهن، پر انهن جا اثر پوري علائقي ۽ عالمي امن تي پئجي سگهن ٿا. ٽرمپ دنيا جي هڪ وڏي طاقت جي سربراهه جي حيثيت سان يقيناً اهم حيثيت رکي ٿو، پر صدر جي عهدي سان عالمي معاملن ۾ هر قسم جي ڌمڪي يا سخت لهجي کي جائز قرار نٿو ڏئي سگهجي. ايران سان پيدا ٿيل موجوده ڇڪتاڻ کي سمجهڻ لاءِ آمريڪا جي گذريل پاليسين کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. خاص طور تي 2015ع ۾ طئي ٿيل ايران جي ايٽمي معاهدي مان آمريڪا جو ڌار ٿيڻ هڪ اهڙو قدم هو، جنهن موجوده بحران جي پسمنظر کي وڌيڪ پيچيده بڻايو.

ايران جي ايٽمي پروگرام بابت پابندين ۽ نگرانيءَ جو جيڪو فريم ورڪ 2015ع جي معاهدي سان وجود ۾ آيو هو، آمريڪا جي ان معاهدي کان نڪرڻ کان پوءِ ان جي حيثيت ڪمزور ٿي وئي. ان کان پوءِ به سفارتڪاريءَ جا دروازا مڪمل طور بند نه ٿيا. هلندڙ سال عمان جي وچولي ڪردار سان واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ ايٽمي پروگرام بابت ڳالهيون ٿيون ۽ انهن ۾ اهڙي اڳڀرائي جا اشارا سامهون آيا، جن مان محسوس ٿي رهيو هو ته ڪنهن نئين سمجھوتي تائين پهچڻ ممڪن آهي. عمان ۽ ايران ٻنهي طرفان ڳالهين جي عمل بابت مثبت اشارا ڏنا ويا. ان صورتحال ۾ سوال اهو آهي ته جڏهن ڳالهين ذريعي مسئلي کي محدود ڪرڻ جا رستا پيدا ٿي رهيا هئا، تڏهن فوجي دٻاءَ ۽ سخت بيانن سان بحران کي وڌيڪ پيچيده ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي وئي؟ هاڻي ٽرمپ ايران جي ايٽمي صلاحيت کي ختم ڪرڻ کي اهم مقصد طور پيش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ساڳيو مسئلو ڳالهين جي ميز تي ويهي به بحث هيٺ آڻي سگهجي ٿو. فيبروريءَ ۾ ايران خلاف فوجي ڪارروائيءَ کان پوءِ صورتحال وڌيڪ غير يقيني ٿي ۽ ايٽمي پروگرام سان گڏ علائقائي سلامتي ۽ عالمي واپار جا سوال به وڌيڪ حساس بڻجي ويا.

انهن سڀني معاملن ۾ آبنائي هرمز کي خاص اهميت حاصل آهي. دنيا جي توانائيءَ جي فراهمي ۽ سامونڊي واپار لاءِ هي رستو انتهائي اهم آهي، تنهنڪري ان بابت پيدا ٿيندڙ ڪنهن به غير يقيني صورتحال جو اثر صرف آمريڪا يا ايران تائين محدود نٿو رهي. عالمي مارڪيٽن، تيل جي قيمتن ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن تي ان جا اثر پئجي سگهن ٿا. ان ڪري آمريڪا لاءِ ايران کي ڌمڪائڻ کان وڌيڪ اهم ڪم اهو هجڻ گهرجي ته تهران سان اهڙو عملي سمجھوتو ڳولي، جنهن سان آبنائي هرمز ۾ جهازن جي اچ وڃ محفوظ ۽ معمول مطابق جاري رهي. مسلسل جنگي دٻاءَ جو هڪ ٻيو نقصان اهو ٿي سگهي ٿو ته ايران اندر به انهن قوتن جو موقف مضبوط ٿئي، جيڪي ڪنهن به پابندي يا سمجھوتي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. لڳ ڀڳ ست مهينن جي ڇڪتاڻ، فوجي دٻاءَ ۽ سخت پاليسين باوجود جيڪڏهن واشنگٽن کي ٻيهر ڳالهين جي ميز ڏانهن موٽڻو پوي ٿو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته جنگ شروع ڪرڻ ۽ ڪنهن پيچيده ملڪ سان پائيدار سياسي معاهدو ڪرائڻ ٻه مختلف ڪم آهن. ايران کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائڻ بابت سخت بيان ڏيڻ آسان ٿي سگهي ٿو، پر عملي سفارتڪاريءَ ۾ اهڙو نتيجو حاصل ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو آهي.

بحران جو دائرو هرمز تائين به محدود ناهي. يمن ۾ ايران سان لاڳاپيل حوثي قوتن جي سرگرمين سبب باب المندب ۽ ڳاڙهي سمنڊ جو رستو پڻ عالمي واپار لاءِ حساس بڻجي چڪو آهي. حوثين طرفان سعودي عرب جي تيل جي فراهمي بابت ڌمڪين خطي جي خدشن ۾ اضافو ڪيو آهي. جيڪڏهن سامونڊي رستن تي وڌيڪ پابنديون يا حملا وڌن ٿا ته عالمي واپار جي فراهميءَ تي دٻاءَ وڌي سگهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ ايران جي علائقائي اثر کي نظرانداز ڪرڻ به ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته هرمز ۽ باب المندب جهڙن اهم سامونڊي رستن جي سلامتي وچ اوڀر کان گهڻو اڳتي عالمي معيشت سان ڳنڍيل آهي.

حوثين بابت آمريڪي پاليسيءَ ۾ پڻ هڪ دلچسپ تضاد نظر اچي ٿو. سعودي عرب ڪيترن ئي ڏهاڪن کان واشنگٽن جو اهم اتحادي رهيو آهي ۽ آمريڪي هٿيارن جو وڏو خريدار پڻ آهي. ان جي باوجود ٽرمپ حوثين بابت هر مرحلي تي رڳو فوجي حل تي زور نه ڏنو، پر اهو به چيو ته حوثي آمريڪا سان رابطي ۾ آهن ۽ آمريڪا سان جنگ نٿا چاهين. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته واشنگٽن پاڻ به ڪجهه حالتن ۾ ڳالهين ۽ محدود مفاهمت کي فوجي ڪارروائيءَ کان وڌيڪ ڪارائتو سمجهي ٿو. ممڪن آهي ته آمريڪي حڪمت عمليءَ جو هڪ مقصد اهو به هجي ته ايران کي آبنائي هرمز بابت وڌيڪ ڇڪتاڻ کان روڪڻ جي بدلي ۾ يمن ۾ صورتحال کي هڪ حد اندر رکيو وڃي. پر ايران جي سياسي ۽ عسڪري قيادت جي طرزِ عمل مان اهو واضح آهي ته تهران اهڙين محدود آڇن تي فوري طور پنهنجي بنيادي پاليسي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ايران پنهنجي علائقائي اثر، سلامتي ۽ ايٽمي پروگرام کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل معاملن طور ڏسي ٿو، تنهنڪري ڪنهن هڪ نقطي تي دٻاءُ وجهڻ سان باقي مسئلا پاڻمرادو حل ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن.

موجوده بحران جو بنيادي سبق اهو آهي ته فوجي طاقت جي باوجود ايران کي صرف ڌمڪين وسيلي سياسي طور ڪنٽرول ڪرڻ آسان ناهي. جيستائين تهران وٽ آبنائي هرمز جي سامونڊي آمدرفت کي متاثر ڪرڻ ۽ خطي جي مختلف هنڌن تي ميزائل يا ڊرون وسيلي ڪارروائي ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، تيستائين جنگي زبان بحران کي ختم ڪرڻ بدران ان کي وڌيڪ ڊگهو ڪري سگهي ٿي. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته موجود سفارتي رستن کي ٻيهر فعال ڪيو وڃي. پاڪستان، قطر ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جا تهران سان لاڳاپا اڃا تائين اهڙي سطح تي موجود آهن، جتان واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ ڳالهين کي ٻيهر اڳتي وڌائڻ لاءِ وچ وارو رستو پيدا ڪري سگهجي ٿو. ايران ۽ آمريڪا ٻنهي لاءِ هڪ اهڙو سمجھوتو وڌيڪ ڪارآمد ٿي سگهي ٿو، جيڪو رڳو سياسي اعلان نه هجي، پر ايٽمي پروگرام، علائقائي سلامتي ۽ سامونڊي رستن بابت عملي ضمانتون پڻ فراهم ڪري. بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ آخرڪار ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ڳالهين جي ميز ڏانهن واپس اچڻو ئي پوندو. جيڪڏهن ڳالهين ذريعي اهي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، جن کي جنگ به ختم نه ڪري سگهي آهي، ته پوءِ سفارتڪاريءَ کي آخري آپشن بدران پهريون رستو بڻائڻ وڌيڪ ضروري بڻجي وڃي ٿو. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مستقل حل طاقت جي نمائش سان نه، پر هڪ اهڙي سياسي سمجھوتي سان ممڪن ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي مفادن، علائقائي سلامتي ۽ عالمي واپار جي ضرورتن کي جاءِ ڏني وڃي.

You might also like