نيپال ۾ ٻوڏ جي تباهي ۽ انڊونيشيا ۾ خوفناڪ باهه جي واقعن جا اثر اڃا جاري آهن. جيڪڏهن انهن تباهين جو پيڇو ڪيو وڃي ته وڃي تيل جي ڪارخانن ۽ پلاسٽڪ جي ڍيرن تائين دنگ ڪن ٿا، جنهن کي عام طور تي موسمياتي تبديلي جو بحران چيو وڃي ٿو. پر اڄ رستن تي هلندڙ عام ماڻهو ان کي ڪو بحران سمجهي ٿو ۽ نه ئي ايوانن ۾ ويٺل پاليسي سازن کي پنهنجن ٿڌن ڪمرن ۾ ان جو سيڪ محسوس ٿئي ٿو. ماهر ۽ سائنسدان مسلسل رڙيون پيا ڪن ته ڌرتي تيزي سان قيامت جي ويجهو وڃي رهي آهي، پر جيڪڏهن دنيا جي سڀ کان وڏي طاقتور رياست جو سربراهه ٽرمپ ان کي فراڊ قرار ڏئي ته پوءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي؟
اهڙي صورتحال ۾ دي گارڊين خبر ڏني آهي ته ايندڙ ڇهن مهينن دوران ساڍا چار لک ماڻهو گرمي ۽ ڏڪار سبب مري سگهن ٿا. اها خبر موسمياتي ماهرن طرفان تيار ڪيل هڪ رپورٽ جي بنياد تي شايع ڪئي وئي آهي. اهڙا ماڻهو، جيڪي شايد ”ال نينو“ جو نالو به نه ڄاڻندا هجن، ايندڙ ڏينهن ۾ ان جي قيمت پنهنجي زندگي جي صورت ۾ ادا ڪري سگهن ٿا. دي گارڊين موجب ”ال نينو سبب ايندڙ ڇهن مهينن ۾ 4 لک 50 هزار ماڻهو مري سگهن ٿا“، پر اصل ۾ ڪلائميٽ امپيڪٽ ليب هڪ اهم فرق ٻڌائي ٿي.
جون 2026ع ۾ ال نينو شروع ٿيڻ کان فيبروري 2027ع تائين 4 لک 51 هزار اضافي موتن جو اندازو لڳايو ويو آهي، جڏهن ته سيپٽمبر کان فيبروري تائين ڇهن مهينن جو ڪاٿو 2 لک 39 هزار آهي.
اهي رڪارڊ ٿيل موت ناهن، پر 1996ع کان 2025ع تائين جي سراسري حالتن جي مقابلي ۾ ماڊل ذريعي تيار هڪ ڪاٿو آهي. ال نينو پئسفڪ سمنڊ جي غيرمعمولي طور گرم ٿيڻ جو هڪ قدرتي عمل آهي، جيڪو هوائن، برساتن ۽ عالمي موسم کي تبديل ڪري ٿو. ”سپر ال نينو“ غير رسمي نالو آهي. عالمي ادارو ان کي ”انتهائي طاقتور ال نينو“ سڏي ٿو. پر هي ال نينو اهڙي ڌرتي تي آيو آهي، جنهن کي ڪوئلو، تيل ۽ گئس اڳ ئي گرم ڪري چڪا آهن.
رپورٽ موجب هي رجحان معمول جي ڀيٽ ۾ 44 سيڪڙو وڌيڪ انتهائي گرمي پيدا ڪندو. محقق ان کي ”مستقبل کان آيل پوسٽ ڪارڊ“ چون ٿا: اڄ جي هنگامي گرمي ٻن ڏهاڪن کان پوءِ معمول بڻجي سگهي ٿي 2027 جو گرم ترين سال بڻجڻ اڃا طئي ناهي، پر ان جو امڪان وڌي چڪو آهي. عالمي موسمياتي اداري موجب 86 سيڪڙو امڪان آهي ته 2026ع کان 2030ع دوران ڪو هڪ سال 2024ع جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو، جڏهن ته ساڳئي عرصي دوران 1.5 ڊگري جي حد عارضي طور پار ٿيڻ جو امڪان 91 سيڪڙو آهي. گرمي رڳو جسم تي اثر نٿي ڪري، اها ٻنين، پاڻي، بجلي ۽ گهر جي بجيٽ کي به متاثر ڪري ٿي.
ورلڊ فوڊ پروگرام موجب 2027ع جي پڇاڙي تائين لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ 90 لک وڌيڪ ماڻهو شديد غذائي عدم تحفظ جو شڪار ٿي سگهن ٿا، جنهن سان 45 ملڪن ۾ متاثر آبادي 27 ڪروڙ 40 لک تائين پهچي سگهي ٿي. يعني هڪ طرف خوشحال ملڪن جا ماڻهو پڪل کاڌو ضايع ڪري رهيا هوندا ۽ ٻئي طرف ماڻهو بک وگهي مري رهيا هوندا. فصل ڪنهن ٻئي هنڌ تباهه ٿيندا، پر قيمت پاڪستان جي بازار ۾ به وصول ڪئي ويندي.
جيتوڻيڪ پاڪستان هن وقت ڏهن سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل ناهي ۽ ان لاءِ موتن جو ڪو تصديق ٿيل انگ به ناهي ٻڌايو ويو، پر رپورٽ خبردار ڪري ٿي ته ايندڙ سال پاڪستان ۽ ڀارت ۾ گرمي سبب موتن جو خطرو وڌي سگهي ٿو. پاڪستان لاءِ خطرو هڪ سنگھر جي صورت ۾ ايندو: گرم سيارو، غير يقيني برساتون، گهٽ برف، آبپاشي تي دٻاءُ ۽ جلد شروع ٿيندڙ شديد گرميون. نتيجي ۾ فصل متاثر ٿيندا، بجلي جي طلب وڌندي ۽ گهٽ آبي وهڪرو پن بجلي کي محدود ڪري سگهي ٿو.
2026ع ۾ هندوڪش هماليه جي برفاني موجودگي ڊگهي مدي واري سراسري کان 27.8 سيڪڙو گهٽ رهي. اهو رڳو ال نينو جو نتيجو ناهي، پر پاڪستان جي ڪمزور آبي بنياد جو ثبوت ضرور آهي. سڀ کان ڳري قيمت اهو مزدور ادا ڪندو، جنهن کي شديد ترين گرمي ۾ به هر صورت ڪم تي وڃڻو پوندو. اهو خاندان، جنهن وٽ مستقل بجلي يا ٿڌو پاڻي ناهي، ۽ اهو هاري، جنهن لاءِ هڪ خراب فصل سڄي سال جي آمدني جي اميد ختم ڪري ڇڏي ٿو. گرمي ته سڀني لاءِ هڪجهڙي آهي، پر ان کان بچڻ جي طاقت ھڪجھڙي ناهي. انهيءَ ڪري دولت مند رياستن جي ذميواري سامهون اچي ٿي. جي 20 ملڪ عالمي گرين هائوس گيسن جي لڳ ڀڳ 77 سيڪڙو اخراج جا ذميوار آهن.
ترقي پذير ملڪن کي 2035ع تائين موسمياتي موافقت لاءِ هر سال 310 کان 365 ارب ڊالر گهربل هوندا، جڏهن ته 2023ع ۾ بين الاقوامي سرڪاري مدد رڳو 26 ارب ڊالر هئي. ان جو فوري حل اهو آهي ته سيٽلائيٽ، مصنوعي ذهانت، موسمياتي ماڊل ۽ سرمايو رکندڙ رياستون وقت سر خبرداري، ڪولنگ سينٽر، اسپتالن جي اضافي گنجائش، مزدورن جو تحفظ ۽ ڏڪار برداشت ڪندڙ ٻج فراهم ڪري سگهن ٿيون.
مالي مدد قرض جي بدران گرانٽ جي صورت ۾ هجڻ گهرجي، جيئن متاثر ملڪ پنهنجي بقا لاءِ وڌيڪ قرضدار نه ٿين. پر اها اسان جي تجويز يا خواهش ضرور آهي، جڏهن ته عملي طور وڏيون طاقتون اُٺ پکي وانگر پنهنجي ڳچي واريءَ ۾ لڪايو ويٺيون هونديون آهن. اهي سمجهن ٿيون ته هي مصيبت وٽن نه ايندي، پر اها خوش فهمي ان ڪري به آهي ته انهن جا پاليسي ساز ۽ گهڻا شهري شديد ترين گرمي کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا رکن ٿا.
اهو ئي سبب آهي ته عالمي طاقت هجڻ باوجود اهي ماڻهو عالمي ڪردار ادا نٿا ڪري سگهن. سبب واضح آهي: نفعي جي بک ڪاروباري ماڻهن کي انڌو ۽ بي حس ڪري ڇڏيو آهي. چونڊون ته ڪجهه سالن کان پوءِ اينديون آهن، پر فوسل فيول جو نفعو روزانو ملي ٿو، جڏهن ته موسمياتي نقصان ڏهاڪن ۾ ظاهر ٿئي ٿو. انهن کي خوش فهمي آهي ته ايئرڪنڊيشنر، انشورنس ۽ مضبوط عمارتون کين بچائي وٺنديون. پر موسمياتي بحران ڪڏهن به پاسپورٽ نٿو ڏسي. فصلن جي تباهي خوراڪ مهانگي ڪري ٿي، پاڻي جي کوٽ لڏپلاڻ وڌائي ٿي ۽ آفتون عالمي سپلاءِ چين کي متاثر ڪن ٿيون. امير رياستون قيمت جي ادائيگي کي ملتوي ڪري سگهن ٿيون، پر ان کان بچي نٿيون سگهن.
4 لک 51 هزار موتن جو ڪاٿو تقدير ناهي، پر ڪارروائي کان اڳ وڄندڙ هڪ گهنٽي آهي. وقت سر خبرداري، پاڻي، ڇانوَ، طبي مدد ۽ مزدورن جو تحفظ ان انگ کي بدلائي سگهن ٿا. اصل سوال اهو آهي: ال نينو گذرڻ کان پوءِ ڇا اسان وري به فوسل فيول ساڙيندي ايندڙ آفت جو انتظار ڪنداسين؟ ڇو ته ال نينو اچي ٿو ۽ هليو وڃي ٿو. پر انسان جي پيدا ڪيل گرمي اتي ئي رهجي وڃي ٿي. انساني موتن جو جيڪو انگ بيان ڪيو ويو آهي، اهو انهن انگن کان الڳ آهي، جيڪي موسمياتي بحران بابت اڳ ئي جاري ٿي چڪا آهن. پر ان جي باوجود ڌرتي تي رهندڙ اهي ماڻهو، جن جا هٿ ۽ کيسا خالي آهن، انهن ئي ماڻهن تي ڀاڙين ٿا، جيڪي پاڻ سندن تباهي جو سبب بڻجن ٿا.