ماڻڪ ڪنگراڻي: هڪ نقش، جيڪو رهجي ويو

نصير سومرو

ڪجهه  ماڻهو زندگيءَ ۾ اچن ٿا ۽ هليا وڃن ٿا، پر سندن اچڻ ۽ وڃڻ جي وچ ۾ ڇڏيل نقش ڪڏهن مڪمل طور ميسارجي نٿا سگهن. اهڙا نقش آهستي آهستي يادگيريءَ جي اندر لهندا وڃن ٿا ۽ پوءِ ڪنهن وسريل رستي، ڪنهن پراڻي لفظ يا ڪنهن اوچتي لمحي ۾ ٻيهر چٽا ٿي اڀرن ٿا.

 2000ع  اهڙين ئي ملاقاتن ۽ تجربن سان ڀريل سال هو. ان وقت منهنجو ادبي سفر اڃا مڪمل صورت اختيار نه ڪري سگهيو هو. نوان ارادا، نيون اميدون، نوان خدشا، نوان چهرا ۽ نوان رستا روزاني زندگيءَ جو حصو هئا. قدم قدم تي ادب جي دنيا ڪا نئين  ڳالهه سامهون آڻيندي هئي ۽ هر ملاقات پنهنجي پويان ڪا نه ڪا ڇاپ ڇڏي ويندي هئي. انهن ڏينهن ۾ لکت پڙھت جو، پنهنجي اندر هڪ الڳ جھان آباد هو. پريس جون مشينون هلنديون هيون ۽ گرم مس جي خوشبوءَ سان گڏ خبرون ڪاغذ تي جنم وٺنديون هيون. اخبارن جي آفيسن ۾ لفظن جي چونڊ ۽ خبرن جي اهميت تي بحث ٿيندا هئا. چانهه جي هوٽلن تي ننڍين ميزن چوڌاري وڏيون ڳالهيون ٿينديون هيون. ادب، سياست ۽ سماج تي ڪچهريون هلنديون هيون ۽ ڪڏهن ڪنهن شعر يا ڪتاب تي  ڳالهه ايتري ڊگهي ٿي ويندي هئي، جو گهڙيءَ جو احساس ئي نه رهندو هو. فون جون گهنٽيون ان زماني جي روزمرهه جو حصو هيون. خاموشيءَ ۾ اوچتو گهنٽي وڄندي هئي ۽ ڪنهن ٻئي هنڌ ويٺل ماڻهوءَ جو آواز فاصلو پار ڪري ڪمري تائين پهچي ويندو هو. سمارٽ فون اڃا سڀني هٿن ۾ نه پهتو هو ۽ سيٽلائيٽ چئنل نئين خبرن ۽ نون وسيلن جون واٽون کولي رهيا هئا.

 انهيءَ ئي ماحول ۾ ماڻڪ ڪنگراڻي سان ملاقاتون زندگيءَ جي وهڪري ۾ شامل ٿي ويون. ماڻڪ سان ڳالهائڻ ۾ هڪ خاص پنهنجائپ محسوس ٿيندي هئي. سندس لفظن ۾ بناوٽ نه، پر سادگي هئي ۽ گفتگوءَ ۾ اهڙي رواني، جيڪا ڳالهه ختم ٿيڻ کان پوءِ به ذهن ۾ رهجي ويندي هئي. هو ادب بابت ڳالهائيندو هو ته محسوس ٿيندو هو، ڄڻ موضوع تي راءِ ڏيڻ سان گڏ پنهنجي زماني جي هڪ تصوير به سامهون رکي رهيو هجي. ان وقت شايد ڪنهن کي اندازو نه هو ته روزمرھ جون اهي گهڙيون اڳتي هلي ماضيءَ جا قيمتي ورق بڻجي وينديون. مختصر ملاقاتون، ويهڪون، چانھ جا ڪوپ، فون تي ٿيندڙ ڳالهيون ۽ شهر جي مصروف فضا سڀ آهستي آهستي دور جي ياد جو حصو بڻجندا ويا.

سال گذري ويا. شهرن جون صورتون بدلجي ويون، رستا نوان ٿي ويا ۽ رابطن جا طريقا تبديل ٿي ويا، پر ڪجهه نسبتَون وقت جي تبديليءَ کان آزاد رهنديون آهن. انهن کي نه وڇوٽيون ختم ڪري سگهنديون آهن، نه گذري ويل سال. ماڻڪ سان لاڳاپيل ياد اهڙي ئي هڪ نسبت آهي. ڪڏهن ڪنهن پراڻي اخبار جو ورق سامهون اچي، ڪنهن وسريل هنڌ جو نالو ڪن تي پوي يا ماضيءَ جي ڪا  ڳالهه اوچتو ذهن ۾ جاڳي، ته نئين ملينيم جون شامون وري اکين اڳيان اچي بيهن ٿيون: اخبار جي دفتري هلچل، چانھ جي ڪوپن مان اٿندڙ ٻاڦ، سگريٽن جي دونھي ۾ کئون کئون جو آواز، ادبي ڪچهرين جي گرمي ۽ انهن سڀني جي وچ ۾ ماڻڪ جي موجودگي. ھاڻي ھڻ ھڻان م محسوس ٿئي ٿو، ته وقت گهڻو ڪجهه وساري سگهي ٿو، پر هر ياداشت ۾ ساھ کڻندڙ نقش نه. اھڙا نقش هوندا آهن، وقت جي گذرڻ باوجود پنهنجي صورت سلامت رکندا آهن. ماڻڪ اهڙو ئي هڪ نقش آهي جيڪو ماضيءَ جي ملاقاتن مان نڪري، يادگيريءَ جي ورق تي اچي بيٺو آهي.

انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجو اخبارن سان لاڳاپو وڌڻ لڳو. جتي ڪيترن ئي صحافين ۽ ليکڪن سان ويجهڙائپ ٿي. ماڻڪ سان ملاقات منهنجي لاءِ هڪ نئين در وانگر هئي. انهن ڏينهن ۾ ڪي ٽي اين ٽيليويزن چينل جي شروعات ٿي رهي هئي ۽ ڊرامن جي اسڪرپٽ ايڊيٽنگ ماڻڪ جي حوالي هئي. ٽيليويزن منهنجي لاءِ نئين دنيا هئي. اخبار ۾ لفظ ڪاغذ تي رهندا هئا، پر ٽيليويزن ۾ لفظن کي چهرو، آواز، جسم ۽ حرڪت ملندي هئي. مان ماڻڪ وٽ ويس ۽ ڳالهين ڳالهين ۾ کانئس پڇيم: “ماڻڪ، ڊرامو لکڻ جي ڪوشش ڪريان؟” هن بلڪل سادي انداز ۾ چيو: “لکي ڏس. ڪوشش ڪرڻ ۾ ڪهڙو نقصان آهي؟” مون هڪ ڊرامو لکي کيس ڏنو. منهنجي اندر هڪ ننڍڙي اميد هئي ته شايد ڊراما لکڻ سان آمدني ٿئي ۽ اسڪرين جي دنيا ۾ جاءِ ٺهي وڃي، پر ائين نه ٿيو. ڪجهه خواب در جي چائنٺ تائين وڃي، واپس موٽي ايندا آهن. ان جو مطلب اهو ناهي ته سفر ختم ٿي ويو.

ماڻڪ سان منهنجي ويجهڙائپ وڌندي وئي. ساڻس اختر ڪالونيءَ ۾ روم پارٽنر جي حيثيت سان به رهيس. اتي ئي سندس برادر، عزيز ڪنگراڻي، سان منهنجي ملاقات ٿي هئي. ماڻڪ سان گڏ رهڻ وارا ڏينهن منهنجين يادگيرين ۾ هڪ الڳ ڪمري وانگر محفوظ آهن. اهو ڪمرو پنهنجي اندر هڪ ننڍڙي دنيا هو. ڪڏهن ميز تي ڪاغذ پکڙيل، ڪڏهن ڪتاب، ڪڏهن اڌ لکيل اسڪرپٽ، ڪڏهن چانهه جو مگ، جيڪو ڪافي دير تائين ائين ئي پيل رهندو هو، ڄڻ چانھ کان وڌيڪ ڪچهريءَ جو انتظار ڪندو هجي. رات دير تائين لکڻ، ڳالهائڻ ۽ وري اوچتو خاموش ٿي وڃڻ به ان زندگيءَ جو حصو هو. ڪڏهن ماڻڪ پڇندو هو: “هي لکڻ آخر ڪٿي وٺي ويندو؟” مان چوندو هئس: “خبر ناهي.” پر “خبر ناهي” ۾ به هڪ خبر هوندي هئي. ڳالهين ڳالهين ۾ اهڙا چست جملا ڪنهن فلسفيءَ جي ڪتاب مان کنيل نه هوندا هئا. اهي ليکڪ جي روزاني زندگيءَ جون عام ڳالهيون هيون، پر وقت گذرڻ سان انهن جو مطلب وڏو ٿيندو ويو. شايد تخليق جي دنيا ۾ پهرين منزل ڪيريئر نه، استقامت هوندي آهي. جيڪو لکڻ جاري رکي ٿو، اهو آهستي آهستي پنهنجي اندر جو نقشو پڙهڻ شروع ڪري ٿو.

ڊرامي مان آمدنيءَ جو رستو نه کليو ته مان وري ڪالم، مضمون ۽ شاعريءَ ڏانهن موٽي آيس. مون وٽ هڪ ئي وقت ڪيترائي رستا هئا. ڪڏهن ڪالم لکندو هئس، ڪڏهن مضمون، ڪڏهن شاعري. ڪالم ۾ شهر سان ڳالهائي سگهندو هئس، مضمون ۾ نثر جي گهراين اندر وڃي تجربا ڪري سگهندو هئس، ۽ اهي تجربا اڄ به جاري آهن. شاعريءَ ۾ پاڻ کان لڪي سگهندو هئس. شاعريءَ مون کي علامتن ۾ اهو ڪجهه چوڻ جي آزادي ڏني، جيڪو نثر ۾ شايد سمجهائڻو پوي ها. آهستي آهستي شاعر ۽ ڪالم نگار طور ڪجهه سڃاڻپ ٺهڻ لڳي. مشاعرن ۾ وڃڻ، شاعري پڙهڻ، ماڻهن سان ملڻ ۽ ادبي مجلسن ۾ ويهڻ اهي سڀ شيون منهنجي زندگيءَ جو حصو ٿينديون ويون. پر صحافي طور اها جاءِ نه ٺهي سگهي، جيڪا ڪڏهن سوچي هيم. هر ماڻهو جنهن در تي دستڪ ڏئي ٿو، اهو در کلي، ضروري ناهي. ڪڏهن در نه کلڻ به ڪنهن ٻئي رستي تي هلڻ جو سبب بڻبو آهي. منهنجي لاءِ به ائين ٿيو.

مون صحافت کي مڪمل طور ڇڏي نه ڏنو، شاعريءَ کي به نه، ڪالم کي به نه. اها فنڪاراڻي صحرا نوردي هئي، جو مان ڪنهن هڪ خاني ۾ بند ٿيڻ لاءِ تيار نه هئس. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن لڳندو هوم ته مان پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي نه رهيو آهيان، پر ان کي ڳولي رهيو آهيان. سڃاڻپ ڪا تيار شيءَ ناهي. اها رستي تي پيل ننڍڙن پٿرن وانگر آهي، جن کي هلندي هلندي گڏ ڪبو آهي. آخر ۾ پوئتي نهاربو، ته خبر پئي ته هڪ رستو ٺهي چڪو آهي. مون به اهڙي ئي رستي تي هلندي لکڻ سکيو: دوستن کان، اخبارن کان، ناڪامين کان، ماڻڪ سان گڏ گذاريل راتين کان، مشاعرن کان، اسٽيج جي خاموشيءَ کان ۽ سڀ کان وڌيڪ پنهنجي اندر جي ان جهيڻي آواز کان، جيڪو شهر جي شور ۾ ڪڏهن مڪمل طور خاموش نه ٿيو.

وقت گذرندو ويو. ماڻهو پنهنجي پنهنجي رستن تي هليا ويا. آفيسون بدلجي ويون، ڪمرا بدلجي ويا، شهر جي چهري تي به ڪيتريون ئي تبديليون آيون. پر ڪي ماڻهو وقت کان پوءِ به يادگيريءَ ۾ رهجي ويندا آهن. ماڻڪ انهن ماڻهن مان هڪ آهي. هو هاڻي رڳو هڪ نالو ناهي، هو منهنجي يادگيرين جو هڪ اڻ مٽ حصو آهي. منهنجي سوانحي سفر جو هي باب آخرڪار اتي اچي بيهي ٿو، جتي شهر جو شور آهستي آهستي پري ٿيندو وڃي ٿو ۽ اندر مان هڪ جهيڻو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو: “لکندو رھ.” اهو آواز منهنجو آهي يا ماڻڪ جو، چئي نٿو سگھان، پر اهو آواز اوپرو بنھ ڪونهي. شايد گل حسن ڪلمتيءَ جي ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ ٿيل ان يادگار ملاقات جو هولوگرام هجي، اهو لمحو، جنهن ۾ ماڻڪ ۽ ٻين دوستن سان گڏ زيبسٽ يونيورسٽيءَ جي راهدارين ۾ ورتل تصوير جو هڪ رقص ڪندڙ پاڇو اڃا تائين منهنجي يادگيريءَ جي ڀت تي هلندو رهي ٿو. يا شايد اهو انهن سڀني ماڻهن، رستن، ڪمرن ۽ ڏينهن جو گڏيل آواز آهي، جيڪي منهنجي زندگيءَ مان گذري ته ويا، پر مون کي مڪمل طور ڇڏي نه ويا.

شهر جو شور اڃا موجود آهي، رستا اڃا ماڻهن سان ڀريل آهن ۽ آواز اڃا هزارين آهن، پر انهن سڀني جي وچ ۾ جڏهن مان ٿورو بيهي ٻڌان ٿو، ته اڃا هڪ جهيڻو آواز اچي ٿو. ان آواز جي ڪنهن ڏورانهين ڪنڊ ۾ ماڻڪ ڪنگراڻي ياد اچي ٿو يادگيرين ۾ رهجي ويل ھڪ شخص وانگر، هڪ اهڙي نقش وانگر، جيڪو وقت جي هٿن مان نڪري ويو، پر من جي ورق تان ميسارجي نه سگهيو.

You might also like