اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته اسان جو مارچ به ٿئي ۽ اهو پرامن به هجي.پنهنجي بيان ۾ بيرسٽر گوهر چيو ته هڪ حڪومتي ٽولو اسان جي لانگ مارچ بابت پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي. اهي چئي رهيا آهن ته اسان ادارن تي حملو ڪنداسين. حڪومتي ٽولو جيڪو بيانيو جوڙي رهيو آهي، ان کي روڪڻ لاءِ ڪو بندوبست ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته اسان ڪنهن سان ڳالهائڻو آهي. ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، پر بدقسمتيءَ سان هن وقت ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي آهي. سياسي مسئلن جو سياسي حل ڪڍڻو پوندو.