عالمي ماحولياتي تبديلي کان بچاءُ لاءِ مصر ۾ گڏ ٿيل دنيا جا اڳواڻ

حسن جان سومرو

دنيا جي بدلجندڙ حالتن ۽ ماحولياتي تبديلي جي اثرن ھيٺ ٿيندڙ تباھين جي نتيجي ۾ مصر جي حڪومت جي ميزباني ھيٺ عالمي ماحولياتي ڪانفرنس ڪوپ 27 هلندڙ آھي. جنھن ۾ 200 جي لڳ ڀڳ ملڪن جا سياسي اڳواڻ ، معاشي ادارا، پاليسي ساز ادارا، ماحولياتي ماھر، ۽ تحقيق ڪندڙ ٽيمون گذريل ڪيترن ڏينھن کان مصر جي شيخ الحرم انٽرنيشنل سينٽر ۾ ماحولياتي تبديلي جي نقصانن جي حوالي سان ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ بحث مباحثن جو سلسلو ھلندڙ آھي، ھيءِ ڪانفرنس گڏيل قومن جي اداري (يو اين ايف سي سي سي) پاران منقعد ڪئي وئي آھي.

)United Nations Framework Convention on Climate Change(

ڪانفرنس کي ڪوپ 27 جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ڪوپ 27 جو بنيادي مقصد عالمي سطح تي ماحولياتي تبديلي جي نتيجي ۾ايندڙ قدرتي تباھين کان بچڻ، عالمي گرمي پد (گلوبل وارمنگ) کان بچاءِ جي طور طريقن تي عالمي اڳواڻن جي ويھڪ رکي وئي آھي. ھن ڪانفرنس جي شروعات 6 نومبر کان ٿي آھي جيڪا سڀاڻي 18 نومبر تائين جاري رھندي. جنھن ۾ مختلف سيشن ھلي رھيا آھن، موسمياتي تبديلي، خوراڪ ۾ ڪمي، پاڻي جي کوٽ، عالمي گرمي پڌ، ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۽ خطن ۾ ٿيندڙ تباھين ۽ عالمي معشيت تي عالمي اڳواڻ پاران ھڪ ويھڪ ڪوٺائي وئي آھي. جنھن جو مقصد دنيا ۾ گرين ھائوس گئسن جي استعمال ۾ گھٽتائي آڻڻ ۽ متبادل انرجي جي ذريعن تي بحث جاري آھن.

سن 1992 ۾ گڏيل قومن جي اداري پاران برازيل جي شھر ريئو ڊي جنيريو ۾ ارٿ سمٽ جو آغاز ڪيو، جنھن جومقصد ماحولياتي تبديلي جي خطرن، کان بچڻ لاءِ  روڊ ميپ تجويز ڪيو ويو ھو. جنھن کان پوءِ ٻئي مرحلي ۾ پيرس معاھدي کي حتمي شڪل ڏني وئي. ھن معاھدي تحت جنھن ۾ گرين ھائوس گيسن  جي استعمال کي گھٽ ڪرڻ لاءِ  دنيا جي 192 ملڪن صحيون پڻ ڪيون ھيون. جنھن کان پوءِ معاھدي تي عمل ڪرڻ لاءِ  دنيا جي قومن ڪجھه  وکون اڳتي وڌائيندي 2015 ۾ پيرس معاھدو ڪيو. جنھن تحت دنيا جي سمورن ملڪن عالمي گرمي پڌ کي 1.5 سينٽي گريڊ تائين آڻڻ جو وچن ڪيو. موجوده  ڪانفرنس جو مقصد اھو آھي ته  پيرس معاھدي تحت طئي ٿيل ايجنڊا تي ماحولياتي تبديلي کان بچاءِ لاءِ  حڪمت عملي جوڙي سگھجي، ته  جيئن مستقبل ۾ قدرتي آفتن کان اڳواٽ بچي سگھجي، يا گھٽ نقصان کي منھن ڏئي سگھجي. دنيا جي اسرندڙ ملڪن جي فھرست ۾ ماحولياتي تبديلي کان بچاءِ لاءِ  رکيل بجيٽ کي ناڪافي قرار ڏنو ويو ھو، ان ڪري نئين حڪمت عملي سان امير ملڪ سالياني بجيٽ 40 بلين آمريڪي ڊالر رکڻ جو ارادو ڪيو آھي. جڏھن ته  اسرندڙ ملڪن پاران 22 بلين آمريڪي ڊالر جي بجيٽ 2025 تائين مخصوص ڪئي وئي ھئي. جيتوڻيڪ ان کان اڳ ۾ ڪلائميٽ موبلائيزيشن لاءِ  100 ارب ڊالر سالياني بجيٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو ھو، جنھن مان او اي سي ڊي مطابق 83 بلين ڊالر اسرندڙ ملڪن جي حوالي ڪيا ويا جنھن مان 82 سيڪڙو عوامي سطح تي ٻه  طرفي ۽ گھڻ رخي طرز تي خرچ ڪيا ويا. جنھن مان 16 سيڪڙو خانگي سيڙپڪارن پاران مھيا ڪيا ويا. جڏھن ته  اھا فنڊنگ بنيادي طور تي ماحولياتي منصوبن تي استعمال ڪئي وئي. جنھن ۾ 32 سيڪڙو انرجي سيڪٽر، ٽرانسپورٽ 14 سيڪڙو،۽ نو سيڪڙو فاريسٽي، فشنگ ۽ پاڻي جي منصوبن تي خرچ ٿيا. ماحولياتي تبديلي جا اثر نه  رڳو ملڪن جي معشيت ۽ دنيا جي معاشي سرگرمين تي اثر انداز ٿين ٿا پر زراعت ۽ خوراڪ جي پيداوار تي به  پيچيده  اثر پون ٿا.

ماحولياتي تبديلي ھن وقت سموري دنيا لاءِ  چيلينج بڻيل آھي. جنھن سان ملڪي سياست ۽ دنيا جي وڏين معشيت لاءِ  پڻ چيلينج بڻيل آھي.ھن وقت ڪوپ 27 جو اجلاس گلوبل اڪانامي ۽ ملڪن جي معشيت انفرااسٽرڪچر کي بچائڻ لاءِ  سنجيده  آھي. پر دنيا جو وڏيون معاشي منڊيون ۽ اسرندڙ ملڪ گرين ھائوس گيسن جي استعمال تي پڻ پريشان آھن. ڪاربان ڊاءآڪسائيڊ گئسن جو خارج ٿيڻ آبھوا ۽ ماحولياتي تبديلي جو بنيادي ڪارڻ آھي. دنيا جا اڳواڻ ان ڳالھه  تي سھمت آھن ته  جيترو جلدي ٿي سگھي گرين ھائوس گيسن جي استعمال کي گھٽ ڪري سگھي. ان حوالي سان آمريڪي صدر بائيڊن ڪوپ 27 جي نمائندن کي ٻڌايو ته  گلوبل وارمنگ ڌرتي جي وجود لاءِ  خطرو آھي 7 اھو واعدو ڪيو ته  آمريڪا ان سان وڙھڻ لاءِ  پنھنجو سموري قوت استعمال ڪندو. موسمياتي بحران مان نڪرڻ انساني بقا جي سوال سان جڙيل آھي، نه  رڳو انساني سلامتي جو سوال آھي پر پر اقتصادي سلامتي قومي سلامتي جھڙا گھڻ رخ پاسا ماحولياتي تبديلي سان جڙيل آھن.

ڪانفرنس ۾ ان ڳالھه  تي به  تبصرو ڪيو ويو ته  گئسن جي استعمال سان دنيا ڀر ۾ گرمي پڌ ۾ تيزي سان اضافو ٿئي ٿو. ان وڌندڙ گرمي پد کي گلوبل وارمنگ چيو وڃي ٿو. جنھن سان گليشئر تي اثر پون ٿا. ويھين صدي جي شروعات ۾ گلوبل اميشن ۾ اضافو يورپ جي صنعتي ملڪن ۽ آمريڪا جو تيزي سان عالمي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ سان ٿيو آھي. جنھن سان صنعتي سازو سامان ، تيل جا ذخيرا، جوھري ھٿيار جي وڌندڙ مارڪيٽ، جنگيون ۽ صنعتي پيداور ۾ تيزي اچڻ سان ٿيو آھي.

ورلڊ ميٽر جي انڊيڪس مطابق جنھن ۾ چين گرين ھائوس گئسن جي استعمال جو پر ڪيپٽيا  7.38 آھي. جڏھن ته  آمريڪا پر ڪيپٽيا 15.52 آھي. جاپان 9.7، روس 11.44 جرمني 9.44، ۽ انڊيا 1.91 ۽ پاڪستان  0.8 آھي. تازو پاڪستان ۾ پوندڙ مون سون جون برساتون پڻ گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي جو نتيجو آھن. پر ڏٺو وڃي ته  گريسن ھائوس گيسن جي استعمال ۾ پاڪساتن 0.8 اميشن تي آھي. پر اسرندڙ ملڪ ۽ ترقي يافته  ملڪ ان وڌندڙ گرمي پڌ جا ذميوار آھن. اڻويھين صدي ۾ نوي سيڪڙو گئسن جو استعمال يورپ ۽ آمريڪا ۾ ٿيو جڏھن ته  1950 کان پوءِ به  85 سيڪڙو استعمال رھيو. ويھين صدي جي وچ ڌاري ھڪ اھم تبديلي نظر آئي، گئسن جي خارج ڪرڻ ۾ ايشيائي ملڪ خاص ڪري چين اڳڀرو رھيو آھي. پر موجوده  صورتحال ۾ ھن وقت يورپ ۽ آمريڪا گئسن جي خارج ڪرڻ ۾ ٽيون حصو آھي. ٻي جيڪا اھم ڳالھه  آھي ته  توانائي جو استعمال انھن گئسن جي خارج ٿيڻ جو اھم ذريعو آھي. توانائي جي شعبي مان مراد فيول جو استعمال، ٽرانسپورٽ ، بجلي جي پيداور، انفرااسٽرڪچر ۽ ٻيون ٻارڻ جي ڪم ايندڙ شين جي سبب آھي. 2017 جي انگن اکرن مطابق قطر 49 ٽن پر ڪيپيٽل، 30 ٽن ڪويت،25 ٽن گڏيل عرب امارتون، برروني 24 ٽن، بحرين 23 ٽن، ۽ سعودي عرب 19 ٽن استعمال رھيو. ھن وقت سموري دنيا کي خوراڪ جو مسئلو اھم آھي. ڇاڪاڻ ته  دنيا جي وڌندڙ آبادي ڪيترن ئي مسئلن کي منھن ڏيندي.جيڪا 2050 تائين 9.6 بلين تائين پھچندي. 2021 جي رپورٽ مطابق 820 ملين ماڻھو بک کي منھن ڏيندا. انٽرگورمينٽل پينل آن ڪلائيميٽ چينج ( آئي پي سي سي ) جيڪو ھڪ پاليسي ساز ۽ تحقيق ڪندڙ ادارو آھي. جنھن جي مطابق دنيا ڀر ۾ زراعت جي پيداوار ۾ ايڪيھه سيڪڙو گھٽتائي آئي آھي.

ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ڪوپ 27 جي ايجنڊا تحت گلوبل وامنگ ۾ ڪيتري قدر گھٽتائي اچي ٿي، يا دنيا جي ٿنڪ ٽينڪ جي اجلاس ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا آھن انھن تي ڪيتري قدر عمل ڪيو ويندو. دنيا جو صنعتون ڪيتري قدر نقصان ڪار گئسن جي استعمال ۾ گھٽتائي آڻي سگھن ٿيون. ان سان گڏوگڏ گرين ماحول دوست شين جي استعمال ۾ ڪيترو اضافو ٿيندو. سرمائيدار دنيا ڪوپ 27 ڪانفرنس جي فيصلن تي ڪھڙي ريت عمل ڪري ٿي اھو ايندڙ وقت ۾ ثابت ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.