چين ۾ خطرا نه ٽريا؟ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ستاويهه مريض هڪ ئي وقت فوت

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين جي صوبي گوئيجو جي گادي واري هنڌ گويانگ ۾ شهرين کي قرنطينا سينٽر وٺي وڃڻ واري بس اونڌي ٿي پئي، حادثي جي نتيجي ۾ ستاويهه ماڻهو فوت ٿي ويا.

اختيارين موجب حادثي جو شڪار بس ۾ ستيتاليهه ماڻهو سوار هئا جيڪا اونڌي ٿي هڪ کاهي ۾ ڪري پئي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اهو واضح ناهي ٿيو ته قرنطينا بس اڌ رات جو هوادار پهاڙي واري رستي جي ڇو چونڊ ڪئي. چين ۾ رات جو ٻي وڳي کان صبح پنجين وڳي تائين ڊگهي سفر واري ڪوچن تي پابندي آهي.

حادثي ۾ بچي ويل ماڻهن کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.