ٻوڏ متاثر علائقن جا ٻن مهينن جا بل معاف،300 يونٽ تائين فيول ايڊجسٽمينٽ جي ڇوٽ

صحبت پور(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثر علائقن جي 22 لک گهريلو ۽ ساڍا 3 لک ڪمرشل صارفين جي بجلي جا آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهيني جا بل معاف ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪري سياست بدران اسان رياست بچائي، 300 يونٽ تائين بجلي جي 2 ڪروڙ 10 لک صارفين کي سيپٽمبر ۾ به فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي ڇوٽ ڏينداسين. ڪالهه اربع ڏينهن صحبت پور بلوچستان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي، وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن جي لاءِ 70 ارب رپيا روڪ رقم جي صورت ۾ ورهايا پيا وڃن، هيستائين 24 ارب رپيا ورهايا ويا آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 25 هزار رپيا في خاندان ورهايا پيا وڃن، ڪجهه علائقن ۾ انٽرنيٽ ۽ بجلي جو نظام درهم برهم ٿيڻ سان ان رقم جي ورڇ ۾ تعطل آهي، اهو به جلد ختم ڪنداسين. هن چيو ته متاثر علائقن جي هوشيار ٻارن جو تعليمي خرچ نه ٿيڻ ڏينداسين. وزيراعظم ان موقعي تي متاثر علائقن جي بجلي جي گهريلو ۽ ڪمرشل صارفين جا آگسٽ ۽ سيپٽمبر جا بل معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان سان ساڍا 24 لک صارفين کي 10 ارب رپين جو ريليف ملندو. هن چيو ته 3 ڪروڙ 10 لک صارفين کي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي ڇوٽ ڏني وئي هئي جنهن مان 75 سيڪڙو صارفين فائدو کنيو هو، انهن لاءِ سيپٽمبر جي بجلي جي بلن تي به اها سهولت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي جو مرحلو به اچڻو آهي، فصل کي پهچندڙ نقصانن جي ازالي لاءِ صوبن سان گڏجي حڪمت عملي ٺاهينداسين. هن وڏي وزير ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري کي شاباس ڏيندي چيو ته سڀئي وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ چونڊيل نمائندا مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڏکويل انسانيت جي خدمت جي جذبي تحت متاثرين سان گڏ هئا، سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪري متاثرين جي مدد ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي صحبت پور ضلعي ۾ فنڊ ريليف ڪئمپ جو دوروڪيو، جڏهن ته اتي قائم اسڪول به ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.