شهيدن بابت ناڪاري مهم هلائيندڙن کي قوم ڪڏهن معاف نه ڪندي: امتياز شيخ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته شهيدن جي حوالي سان ناڪاري مهم هلائيندڙن کي قوم ڪڏهن معاف نه ڪندي.

پنهنجي بيان ۾ امتياز شيخ چيو ته فوج هر ڏکئي وقت ۾ جانين جو نذرانو ڏئي پاڪستان کي بچايو آهي، قوم هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوجي آفيسرن جي شهادت تي ڏکاري آهي.

هن چيو ته عمران خان ۽ ان جا ساٿي پرڏيهي آقائن جي اشاري تي ڏڦيڙ پکيڙي رهيا آهن، ناپاڪ مقصدن لاءِ نوجوانن کي ذهنن کي استعمال ڪيو پيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته شهيدن جي حوالي سان ناڪاري مهم هلائيندڙن کي قوم ڪڏهن معاف نه ڪندي، قوم عمران خان جو اصل چهرو ڏسي ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.