خانپور مهر ۾ صحافي جي گهر تي ڪاهه، عورت سميت 4 ڄڻا زخمي

خانپورمهر (ن ع آ)جرڳي جون خبرون هلائڻ تان جرڳائي ڀوتار ڪوڙا خان ميراڻي، پير بخش ميراڻي، خالد ميراڻي، نواز ميراڻي ،عابد ميراڻي ۽ ٻيا مڇرجي پيا ، ٻيرڙي واسي جرڳائي ڀوتارن خانپورمهر جي صحافي رشيد ميراڻي جي ٻيرڙي واري گهر تي ڪاھ ڪري گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي کين تشدد جو نشانو بڻايو، جوابدارن جي تشدد سبب صحافي رشيد ميراڻي جي امڙ ،2 ننڍا ڀائر سندس هڪ ماسات زخمي ٿي پيا، جن گهوٽڪي اسپتال داخل ڪيو ويو، اهڙي واقعي جي ماٿيلو مومل جي ماڙي چوڪي تي اين سي رپورٽ پڻ داخل ڪئي وئي آهي، هوڏانهن صحافي رشيد ميراڻي جو چوڻ آهي ته بااثر وڏيرن ڳوٺ ٻيرڙي واسي اکين جي نور کان محروم پورهيت مير محمد ميراڻي جي گھرواري کي ڪوڙي الزام ۾ ڪارنهن جو جرڳو ڪري قتل جي فتوا جاري ڪئي هئي، جنهن جي خبر هلائي وئي جنهن تي ڄاڻايل جرڳائي ڀوتار مون مٿان مڇرجي پيا ۽ مونکي ڌمڪيون ڏنيون ۽ منهنجي گهر تي حملو ڪري گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن سبب منهنجي امڙ ۽ منهنجا 2 ڀائر ۽ هڪ ماسات زخمي ٿي پيا، جوابدار هن وقت تائين به مونکي ۽ منهنجي گهر ڀاتين کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن آهن، تنهنڪري نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.