دعا جي مڙس ظهير جي اڪائونٽس بحالي بابت نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس ڪوثر سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ دعا زهرا ڪيس جي جوابدار ظهير ۽ سندس دوست شبير جي بئنڪ اڪائوئٽس جي بحالي بابت درخواست جي ٻڌڻيڪئي، جنهن دوران عدالت ناڻي واري سيڪريٽري،گورنر اسٽيٽ بئنڪ، وفاقي گهروکاتي، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي نادرا کي نوٽيس جاري ڪندي 29 جولاءِ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي، عدالت جبران ناصر جي ساٿي وڪيل جي پيش ٿيڻ تي عدالت حيرت جو اظهار ڪيو آهي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جبران ناصر پاڻ برسات جو مزو وٺي رهيو آهي، اوهان کي موڪليو آهي، جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته ان درخواست جو جبران ناصر سان ڪابه تعلق نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.