ڪوٽڙي ۾ لڳل ڌاڙي جا 2 جوابدار گرفتار ، 3 فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب

سيوھڻ(ن ع آ)ڪوٽڙي شھر مان اڳوڻي تعلقي ناظم جي ڀاءُ جي گھر مان ڌاڙو لڳڻ واري واقعي جي ٽن مھينن بعد جاچ آفيسر ۽ سيوھڻ پوليس  ڌاڙي جي جوابدارن  تائين پھچي وئي آهي, گذريل رات ايس ايڇ او سيوھڻ نيڪ محمد کوسو جي اڳواڻي ۾ ڳجھو اطلاع ملڻ تي مقامي پوليس ضلعي مٽياري جي ڳوٺ ڳھيجا تي ڇاپو ھڻي ساجن ڪوريجو ۽ جوابدار الطاف سمون کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته 3 ڄڻا شھباز, حنيف ۽ ملوڪ ڳھيجو فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا, گرفتار جوابدارن وٽان 12 لک ڪيش ۽ 12 تولا سون پڻ برآمد ڪيو ويو.  ٻئي طرف ان بابت پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايڇ او سيوھڻ  نيڪ محمد کوسو پاران ون فائيو انچارج منظور دل جي موجودگي ۾ صحافين کي ٻڌايو ته ڪوٽڙي مان 3 مھينا اڳ ڪوٽڙي شھر جي اڳوڻي تعلقا ناظم بادشاهه ميمڻ جي ڀاء عبدالڪريم ميمڻ جي گھر مان لڳل ڌاڙي جي جاچ مون کي مليل ھئي لاڳيتو ڪوشش بعد مک ڏوھارين تائين تائين پھچي وياسين ۽ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڌاڙي جي رقم ۽ سونا زيور ھٿ ڪيا ويا جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد 3 جوابدار فرار ٿي ويا جن جي ڳولا جاري آهي. ياد رھي ته 3 مھينا اڳ مارچ ۾ ڪوٽڙي مان عبدالڪريم ميمڻ جي گهر مان ڦورو اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ ماليت جنهن ۾ 28 لک روڪ ۽ 52 تولا سون ڦر ڪري فرار ٿي ويا ھئا 3 مھينن بعد جاچ آفيسر ۽ موجوده ايس ايڇ او سيوھڻ جوابدارن تائين پھچي مٽياري ڀرسان 2 ڏوھاري گرفتار ڪري ڌاڙي جي رڪوري ڪري ورتي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.