نياڻين ۽ معصوم ٻارن جي قتل عام وارن واقعن تي عملي قدم کڻڻ گھرجي

حميده گھانگھرو

مون ڪڏهن هٿ ۾ ڳاڙهو قلم کڻي لکڻ شروع ڪيو، ڪٿي ائين ته ناهي منهنجي اکين جا ڳوڙها رت پيا روئين.

شايد سنڌ جي پورهيت هاري مزدور مظلوم طبقي جي اکين ۾ رت جا ڳوڙها رڪڻ جو نالو نٿا وٺن. 1986 کان 1998 تائين گھڻي قدر اهڙو قهري دور هو جنهن سنڌ کي جيل نما ٺاهي ڇڏيو. هر ماڻهو 5 وڳي معنيٰ سج لٿي کانپوءِ گھرن ۾ قيد ٿي ويندو هو، جيڪڏهن فصل تيار ٿيو مليو ته ڌاڙيلن جو وائرس اچي حملو ڪندو گھر جي ڪنهن به ڀاتيءَ کي وٺي وڃي پوءِ ٻيا ڀتي وٺڻ جون ڇٽيون لهندا ٻي صورت ۾ لاش گھر پهچائڻ جو ڊپ ڏيندا پر اهڙا به ڪيترا واقعا ٿيا پتو نه ملڻ تي ماريو ويو.

وحشي جبلتين جي ڪهري حرڪتن جي اختتام نه ٿيو هو ته مٿان نياڻين جي اغوا جون وارداتون، نياڻين سان بي حرمتيون ڪري تشدد ڪري قتل ڪرڻ، ننڍن ٻارن سان زيادتيون ڪري قتل ڪري ويران جاين تي اڇلي وڃڻ. آدم خور جي سڃاڻپ کي به شرمسار ڪرڻ وارو ڪو ٻيو نه پر سنڌ جا رهندڙ ڪرپٽ ذهنيت جا ڀٺڪيل نوجوان يا وري ڪنهن وڏيري، پير، مير، حڪومتي اڳواڻ جا بگڙيل اولاد يا سندن ساٿاري ئي ظاهر ٿيندا.

دنيا جتي نوان نوان تجربا ڪري ترقي جي منزل ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اهڙن وحشي درندن معصوم، نياڻين ۽ ابهم ٻارن کي چند گھڙين جي سڪون خاطر حوس جو نشانو بڻائي گلن جهڙن ٻارڙن جا خوبصورت خواب ڪنهن مرجهايل گلاب جي پتن کي ٽوڙي مروڙي اڇلڻ برابر آهي. هن وقت تائين لاتعداد بي حرميتن، قتلن جا پيرا پنهنجي ڌرتي جي اثر رسوخ جي ڪنڌ تائين پهچن ٿا پر ملڪ جي آئين، قانون جي خاموشي سنڌ ڌرتي جي امن پسندي ۽ تاريخي تهذيبي سڃاڻپ کي به ڄڻ دفن ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ڏينهن جي اجرڪ ٽوپي پائي سنڌ جي سڃاڻپ کي ظاهر ڪرڻ کان وڌيڪ سنڌ جي نياڻين ابهم ٻارن جي لاشن تي وڌا وڃن ته شايد اجرڪ به کٽي پوندا. ڇا اهڙي صورتحال ڪنهن به ڌرتي جي وارثي ڪندڙ نظر کان پري آهي. ڇا ملڪ جو آئين، قانون جي بي ساکين تي هلي رهيو آهي جو انصاف گھرڻ وارن جون دانهون سندن ڪنن تي شيون پهچي سگھن. انهي مان ظاهر ٿو ٿئي ته ملڪ جون سڀ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين مان اي سي سسٽم ختم ڪري بلڪل عوام جي حقيقي اڳواڻ طور سڃاڻپ جڏهن ووٽ وٺڻ وقت گرمي ٿيڻ ۾ به عوام اڳيان هٿ ٻڌل ۽ واعدا ڪندي نه ڪيٻائيندا هئا. اهي حڪمران جڏهن سرد اسيمبلين ۾ وڃي ويهن ٿا ته ڪنهن به نياڻي جي ڪسجڻ جون رڙيون ٻڌجڻ ۾ نه ٿيون اچن ڪنهن به ابهم ٻارن سان زيادتي ڪرڻ کانپوءِ ڪهين لاش ويران جاءِ تي اڇلايو وڃي ٻار جي گھر نه پهچڻ تي امڙ جي لاءِ پاڻي ڍڪ پيئڻ به زهر برابر ڳولا ڌولا کانپوءِ خبر پوندي ته سندن لخت جگر جو لاش ڳلي ڪپيل هوندو يا سندس جسم تي ايترا جهير هوندا جيئن ڪنهن وحشي ڪتن حملو ڪيو هجي.

ڪالهوڪي ملير ۾ معصوم شاڪر حسين جو لاش وڏي واڪي موجوده نظام جي واڳ ڌڻين ۽ انصاف جي عدالت اڳيان سواليه نشان ڪري بيٺو آهي ته ڳڻپ ڪريو هنن معصومن جي ڳپڻ ڪريو انصاف ڏيڻ وارين انهن شنواين جي ته ڪيترن قاتلن کي ڦاسي ڏئي ٻين وحشين لاءِ عبرت جو سبق بڻايو آهي.

حيرت آهي ته اهڙن غير انساني واقعن کانپوءِ به حڪمرانن جي ڪنن ۾ پيل ڪپهه آخر ڪڏهن نڪرندي. ڇا انهن واقعن کي مقدر جو لفظ چئي ٽاريو ويندو يا انتظاميا حڪومت بي حسي قانون جي خاموشي انصاف جي بي ڌياني عوام جي احساسن جذبن سان تمام وڏي مذاق ڪئي ٿي وڃي.

پاڻي جي کوٽ سبب زراعت تباهه، انساني جياپو خطري ۾!

مٿان وري پاڻي جي کوٽ زراعت جو تباهه ٿيڻ به ڪنهن حادثي کان گھٽ ناهي. ڪارل مارڪس انقلاب جو فلسفو ڇٽيءَ طرح ظاهر ڪندي چيو آهي ته مزدور جيسين مستحڪم نه هوندو ۽ سندس جدوجهد انقلاب جي راهه ڏانهن نه ويندي ته انقلاب نه ايندو ڇاڪاڻ جو طبقاتي نظام جو واضح فرق مزدور ۽ سرمائيندار ۾ نظر اچي ٿو. هاري وٽ ٻيو ڪجهه به نه پر فصل جو اناج جمع ٿيل هوندس ۽ هر هلائڻ لاءِ ڏاندن جو جوڙو ۽ گھر ۾ ڳئون، مينهن، ٻڪري وغيره وغيره هوندس ان ڪري هاري کي آرام ڪرڻ جو به موقعو ملي ٿو.

پر وري مائوٽزم ۾ بلڪل واضح لکيل آهي ته انقلاب هاري آڻي سگھي ٿو ڇاڪاڻ جو هن جي هٿ ۾ پاور آهي. هو سٺي نموني وڙهي سگھي ٿو.

خير چائنا هن وقت سپر پاور آهي هنن مشينري کي به ترقي ڏئي سڄي دنيا تي تقريبن هولڊ ڪيو آهي. نيپال سائوٽ ايشيا ۾ هن وقت گھڻين ڳالهين ۾ ترقي جو مقابلو ڪجي ته اڳتي آهي. نيپال مائوئٽن جي ڪنٽرول ۾ آهي. انهي ڪري ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ رسول بخش پليجو چوندو هو زراعت کي ترقي وٺرايو. ڳوٺ جي هاري سان گڏ هارياڻيون اڳتي آڻيو. شهيد فاضل راهو مثال قائم ڪرڻ لاءِ ٿر جي غريب ماڻهن کي چيو زيور وڪڻيو گھر جا ٿانو وڪڻيو  جڏهن غلام محمد بئراج ٺهيو ته چڪ ٺاهيا ويا جن ۾ سيٽل ڪرڻ لاءِ مقامي غريب ماڻهو هئا ان ڪري پنجاب مان ماڻهن کي گھرائي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. فاضل راهو توڻي جو کڻي ڪنهن به سياسي پارٽي جو حصو نه هو پر تڏهن به هن مقامي ماڻهن کي ٿر جي وارثي ڏياري. اڄ ان سڄي تڪ ۾ غريب ڀيل، ميگھواڙ، شڪاري ۽ ٻيون مسلم ذاتيون به رهن ٿيون. اها هوندي آهي ڌرتي جي وارثي ڪرڻ ۽ پنهنجي ماڻهن سان سچائي ڏسجي ته ٺهيل بئراجن ڀرسان خاندانن جا خاندان آباد آهن پر پاڻي جي گھٽتائي ڪري لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن. شروعاتي دور ۾ پاڻي جي تلاش ۾ آباديون ٺهيون ۽ هاڻي درياهه، واهه هوندي ڪنهن ڏاهي جي قول وانگر گھر ته آهي ڌڻي ڪونهي. واقعي هن وقت ملڪ ۾ زراعت تمام گھڻي تباهي طرف وڃي رهي آهي اهڙي صورت ۾ ملڪ جي خوشحالي ۽ زندهه رهڻ جو جواز ڪهڙي صورت ۾ بچائي سگھي ٿو. ڇا هن ملڪ جي حڪمرانن ۽ انتظاميا جي سرگرمي صرف ۽ صرف الزام تراشي تي آهي يا سياسي الزام تراشي کان پاسيرو ٿي قوم ۽ ملڪ جي بچاءَ تي سوچڻ گھرجي. جڏهن ملڪ ۽ قوم هوندي ته حڪمرانين جا به تقدس ۽ ضرورت محسوس ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.