ڀريا روڊ واسي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل آزاد، ڀنگ ڀرڻ جا چئوٻول

ڀرياسٽي ( ن ع آ ) ڀرياروڊ نوناري پاڙي واسي ڏيڍ مهينواڳ عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿي ويل پورهيت ڊرائيور وحيد نوناري بازياب ٿي گهر پهچي ويو، بازياب ٿيل نوجوان وحيد نوناري ميڊيا کي ٻڌايو ته ليڊيزآواز ۾  بليڪ ميل ڪري  ملڻ لاءِ صادق آباد جي ڪچي جي علائقي ۾ گهرايو ويو، مان پاڻ مرادوڪراچي کان ڪوچ ۾ سفر ڪري پهتو هيس، هن ٻڌايو ته اتي پهچڻ بعد ڌاڙيل اکين تي پٽيون ٻڌي ڪچي جي علائقي ۾ دريا پارڪرائي هڪ گم نام جڳهه ۾ بند ڪيو ويو پيرن ۽ هٿن ۾ ڪڙيون هنيون ويون، ڌاڙيل روز تشدد ڪندا هيا هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڌاڙيل سٺ لک ڀنگ طلب ڪيو ويو، مان انهن کي چيو ته اسان غريب مسڪين آهيان ڊرائيور آهيان پر انهن هڪ نه ٻڌي نوجوان ٻڌايو ته ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد انهن کي منهنجي اصليت جي خبر پئي آهي ته هي غريب آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته قران راڄوڻي ڪوششن  ۽ قران جي مدد سان ڌاڙيل رات جو دير سان ڀريا باءِ پاس  تي اکيو ٻڌي ڦٽو ڪري ويا،  ڀنگ وغيره ناهي  ڀريو،  جڏهن ته ٻئي پاسي نوجوان جي ڀاءُ ضمير نوناري ٻڌايو ته ضلعي نوشهروفيروز جي پوليس توڙي چونڊيل نمائندن ڪنهن مدد ناهي ڪئي پنهنجي مدد پاڻ تحت ۽ قران پاڪ کڻي ويا سين انهي جي مدد سان ڀاءُ جي بازيابي نصيب ٿي آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته نوجوان وحيد نوناري کي ڀائرن پنهنجي زمين وڪرو ڪري ڏهه لک ڀنگ ڀرڻ بعد بازياب ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته نوجوان جي گهر پهچڻ بعد گهر ڀاتين ۾ خوشي جي لهر ڇانجي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.