بدامنيءَ جي باھه ۾ سڙندڙ خيرپور ضلعو

تحرير : مبين اڄڻ

گذريل ڪجھه عرصي کان ميرن واري خيرپور جيڪا دنيا ۾ کجين جي واپار سان مشھور آھي جنھن جي کجور منڊي عالمي مارڪيٽ ۽ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مارڪيٽ جي نالي سان سڃاڻپ رکي ٿي پر افسوس سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندڙ ھي عالمي منڊي ، انجا واپاري ۽ ضلعي جا رھواسي بدامنيءَ جي باھه ۾ سڙي ۽ مري رھيا آھن پر پوليس ۽ چونڊيل نمائندا صرف پنھنجي عاليشان ۽ ٿڌين آفيسن توڙي ڊرائينگ رومن ۾ اگھور ننڊ ستل آھن

ھڪ اخباري  رپورٽ مطابق ضلعي مان روز جي بنياد تي موٽرسائيڪل جي چوري  ڊاک زناني ڄڻ معمول جو حصو بڻيل آھي ڏينھن ۾ لڳ ڀڳ ڏھن موٽر سائيڪلن جو چوري ٿيڻ ڄڻ روز جو وھنوار ٿي ويو آھي .

چار آگسٽ 2020 تي راجيش ڪمار نالي جي واپاري کي ڀتو نه ڏيڻ تان بي دردي سان موت جي ننڊ سمھاريو ويو پيپلزپارٽي جي وزيرن صلاحڪارن جي فوج صرف بيان ڏئي ۽ تعزيت ڪري پنھنجي جان آجي ڪرائي ڇڏي جڏھن ته واپاري جا قاتل پوليس جي گرفت ۾ اچي نه سگھيا ،

بدقسمتيءَ سان 2021سال خيرپور ۾  امن امان جي حوالي سان ڏاڍو ڀيانڪ رھيو جنھن ۾ھڪ ناريجا اوڍا مگڻيجا قبائلي تڪرار جي ڪري ڪيتريون ئي جانيون خون ۾ لت پت ڪيون ويون ڪيترائي گھر خزان جي پتن جيان وکري ۽ اجڙي ويا مائرن جون هنجون ۽ سھاڳڻين جا ور پنھنجي موت کان اڳم ماريا ويا.

جڏھن ته ساڳي ئي  ضلعي جي  ڪوٽڏجي تعلقي مان  جيڪو خوابن جي شھزادي صوبائي صلاحڪار جو ڳڙهه آهي ان جي تڪ مان درگاھه پير ڪٽڪبال لڳ فتح پور مان 21مئي 2021تي قرآن جي حافظياڻي گريجوئيٽ ناري روبينه اڄڻ کي اغوا،  زيادتي بعد قتل ڪيو ويو پر ست مھينا گذرڻ تائين وارٽ روئيندي انصاف جا منتظر ئي رھيا .

تعلقي گمبٽ مان قتل ٿيل ڳڀرو انٽر جي نوجوان اُسامه کھڙي جو بي رحماڻو قتل شايد ئي ڪنھن کان وسريو ھجي جنھن ۾ پوليس پنھنجي ساڳي لاپرواهي ڏيکاريندي قاتلن کي ڇڏي مقتول جي وارثن کي قتل ۾ ملوٽ قرار ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي .

پريالو ۾ ست سالن جي معصوم ڪانھه ڪمار کي سروٽن سان زيادتي بعد قتل ڪيو ويو جنھن لاءِ اڄ به

ان جا ماتا پتا ۽ ٻيا ڀاتي سوڳوار ۽ رت روئندا رھن ٿا مگر پيپلزپارٽي جا چونڊيل نمائندا اسيمبليءَ ۾ آواز اٿارڻ ته پري پر تعزيت لاءِ به نه پھتا آھن ڪنھن به مقتول جي تڏي تي .

آخر اسان خيرپور ضلعي جي رھواسين کي ڪھڙي ڏوھه جي سزا ڏني پئي وڃي جو نه جان مال محفوظ آھي نه ئي عزت چونڊيل نمائندن جي چپ آخر ڪيترن انسانن جي جانين جو نذرانو وٺندي اھو ته وقت ٻڌائيندو .

آئون ھن ليک ذريعي خيرپور جي رھاڪن کي ھڪ اپيل ضرور ڪندس خدارا توھان ووٽ ان پارٽيءَ کي ڏيو جيڪا توھان ۽ توھان جي ٻچن جي عزت ۽ جان جي حفاظت ڪري جي مستقبل ۾ وري به اھڙا نمائيندن کي ووٽ ذريعي چونڊي اسيمبلي ۾ موڪليو ويو ته شايد اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن اسان جي ھر گھر مان ڪنھن نه ڪنھن پياري جو لاش کڄندو .

اسين محترم جناب چيف جسٽس آف سنڌ محترم جناب آجي سنڌ کي پرزور اپيل ڪريون ٿا ته بدامنيءَ جي باھه ۾ سڙندڙ خيرپور جي رھواسين کي بچايو وڃي ۽ خيرپور پوليس کان سخت پڇاڻو ڪري امن امان بحال ڪرايو وڃي جيئن خيرپور ميرس جا رهواسي ايندڙ ڏينھن ۾ سڪ جا ساھه کڻي سگھن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.