ميرپور ٻرڙو ويجهو حادثي ۾ فوتي جي وارثن وٽ ميڙ پهتو

ميرپور ٻرڙو ( ن ع آ ) ٽي ڏينهن اڳ جيڪب آباد شهر جي سبزي منڊي ويجهو روڊ حادثي ۾ ميرپور ٻرڙو واسي نوجوان حافظ منصب علي ٻرڙو فوت ۽ چار مدرسي جا طالب زخمي ٿي پيا هئا، ان سلسلي ۾ جي يو آءِ ضلعي جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو فوت ٿي ويل نوجوان جي ڳوٺ مصري خان ٻرڙو پهتا جتي نوجوان جي والد مصري خان ٻرڙو، استاد مشتاق احمد ٻرڙو، حافظ مقصود سنڌي ۽ ٻين ميڙ کي مان ڏيندي خون معاف ڪري ڇڏيو، انهيءِ موقعي تي سردار ذوالفقار علي ٻرڙو، مولانا عبدالجبار رند، مولانا نصرالله گهنيو، عبدالقادر سومرو ۽ ٻرڙا برادري سميت ٻين قبيلن جا وڏي انگ ۾ ماڻهون پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.