لاڙڪاڻي ۾ ڀاڻ جي کوٽ جون شڪايتون، اي سي ڪارروائي ڪئي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ڀاڻ جي کوٽ جي شڪايتن تي زراعت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر رياض احمد سومرو ۽ سعيد احمد تنيو طرفان اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو سان گڏجي گدامن جو دورو ڪري شهر جي اوٺا چوڪ وٽان ٽرالي مان ڀاڻ جون هڪ هزار ٻوريون هٿ ڪري ورتيون جيڪي اڄ سرڪار اگهه تي هارين ۽ آبادگارن کي وڪريون ڪيون ڏنيون وينديون. ان حوالي سان لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۾ ڀاڻ جي کوٽ جون ڪجهه شڪايتون مليون تنهن ڪري شهر ۾ ڀاڻ جي چرپر واري عمل تي ڪڙي نظر رکندي ڪجهه دڪانن جو دورو ڪيو جتي هنن ڀاڻ جي کوٽ جون دانهون به ڪيون ان بعد اسان اوٺا چوڪ تي ڪارروائي ڪري ٽرالي مان هڪ هزار ڀاڻ جون ٻوريون هٿ ڪري ورتيون آهن جيڪي ٻوريون اڄ نئون ديرو چوڪ وٽ سرڪاري اگهه تي هارين ۽ آبادگارن کي وڪرو ڪري ڏنيون وينديون جيئن کين وڌ کان وڌ رليف ملي سگهي.  هن چيو ته وڪرو ٿيندڙ ڀاڻ ۾ اڇي اينگرو شامل آهي لاڙڪاڻي ۽ آسپاس جا هاري توڙي آبادگار هن سهولت مان فائدو حاصل ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.