عمرڪوٽ ۾پير پاڳاري جي سالگرهه تقريب

عمرڪوٽ ( ڊر ) پير صاحب پاڳارو فهم فراست، تدبر ۽ محبت جو پيڪر هو، پير صاحب جي وطن دوستي ۽ پاڪستان جي استحڪام لاءِ ڪيل خدمتون تاريخ جو اهم باب آهن، اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي عمرڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري ۽ سورهيه بادشاهه ادبي فورم جي سربراھ فقير لياقت جوڻيجو عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ حر نوجوان اتحاد پاران منعقد ڪرايل پير صاحب پاڳاري شاھ مردان شاھ ثاني جي 93 هين سالگرھ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا چند سياستدان جن ملڪ جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پنهنجيون جانيون وقف ڪيون، پير صاحب جو شمار اهڙن سياستدان مان ٿئي ٿو، پاڪستان مسلم ليگ جيڪا ملڪ جي خالق جماعت آهي پير صاحب مسلم ليگ جي اتحاد لاءِ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو، ان موقعي تي پروفيسر يعقوب آريسر ڳالهائيندي چيو ته درگاھ راشديه قادريه سلسلي جي اها شاخ آهي جنهن سان ملتان جي سهروردي سلسلي جي بزرگن جو هڪ پيار ۽ روح وارو رشتو صدين کان قائم آهي، سنڌ جا هي قادري سلسلي جا بزرگ سهروردي سلسلي جا فطري دوست آهن جنهن تي اسان سڀني کي فخر هئڻ گهرجي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير رمضان راڄڙ چيو ته پير صاحب پاڳاري پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اهڙا اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن جن کي صدين تائين ياد رکيو ويندو، حافظ مهراڻ چيو ته پير صاحب پاڳاري شاھ مردان شاھ جون علمي، ادبي، تاريخي ۽ عسڪري خدمتون نصاب ۾ آڻي مستقبل جي معمارن کي سنڌ جي هن عظيم خاندان جي عظيم فرزندن جي قربانين کان آگاھ ڪيو وڃي، فقير رسول بخش رحمداڻي چيو ته پير صاحب پاڳاري جي سياست ملڪي مفادن لاءِ هئي، ملڪ دشمن عنصرن کي للڪارڻ لاءِ سندس صلاحيتون تاريخ ۾ ياد رکيون وينديون، مولانا مفتي شاھ محمد ڪورائي ڳالهائيندي چيو ته پير صاحب پاڳاري شاھ مردان شاھ جي روحاني زندگي بيمثال هئي، هن اسلامي تاريخ کي زندھ رکڻ لاءِ دينداري جو ڪم پنهنجي ذمي کنيو، سندس خدمتن عيوض ڪيترائي عالم دين جي خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي محمد عارف مهر، ولي محمد مهر، مزدور اڳواڻ فقير وڏڻ مهر، تاريخدان سردار ڀيو، مشتاق مهر ۽ ٻين پير صاحب جي سنوانح ۽ ساروڻين تي ويچار ونڊيا. تقريب ۾ حاجي شريف راڄڙ، فقير وڏڻ مهر، شريف مهر، لعل محمد مهر، محب منڱريو، مگهن مهر، فقير رئوف احمد، الهرکيو مهر، اسلم مهر، منور علي، سيباڻو راڄڙ، غلام مصطفي مهر، قربان علي جهنجهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.