ثاقب نثار جي آڊيو ٽيپ جو هُل، ن ليگ پاران ثبوت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ استعمال ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو هڪ اهڙي موقعي تي سامهون آئي آهي جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس نياڻي مريم نوازجي سزائن خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي،ڊي ڊبليو مطابق ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي چيف جج راڻا شميم پاران به هڪ حلفي بيان سامهون آيو هو جنهن ۾ ثاقب نثار پاران هڪ ساٿي جج کي نوازشريف کي ضمانت نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ بار جي صدر احسن ڀون چيو ته ان آڊيو جي اصلي يا جعلي هئڻ جو تعين ٿيڻ اڃا باقي آهي، ناليواري تجزئي نگار سلمان عابد چيو ته ان حوالي سان حتمي ڳالهه ته ايندر ڏينهن ۾ ئي سامهون ايندي، پر اها ڳالهه طئي آهي ته ان آڊيو سان حڪومت، پ پ يا اسٽيبلشمينت کي ڪو فائدو حاصل ناهي ٿيو، ان سان فائدو رڳو ن ليگ کي ملڻ جو امڪان آهي ، ن ليگ جا حامي ان آڊيو کانپوءِ جوش جذبي سان تبصرا پيا ڪن،پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو ته اها ڳالهه طئي آهي ته جسٽس(ر) ثاقب نثار اها آڊيو پاڻ رڪارڊ ڪري رليز ناهي ڪئي، وچ ۾ ويهي ڳاله ڪندڙ ان کي رڪارڊ ڪيو هوندو، ٻاهر ويهي فون جي رڪارڊنگ ڪير ڪندو آهي ان جي باري ۾ اسان سڀ ڄاڻون ٿا، اصل صورتحال جاچ کانپوءِ ئي سامهون اچي سگهندي،پاڪستان ۾ ڪيترن ئي سياسي تجزئي نگار جو خيال آهي ته ان آڊيو ليڪ سان جتي عدليه جي ساک تي سواليه نشان لڳا آهن، ان سان سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت جي تاثر کي به هٿي ملي آهي، هنن چيو ته ان سان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته هڪ تازي مقرري جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان سان ناراض ٿيندڙ طاقتور حلقن سان مبينه طور تي ن ليگ جا جيڪي پردي پٺيان رابطا بحال ٿيا هئا اهي ڪنهن نتيجي تي پهچڻ کان بغير ختم ٿي ويا آهن، عاصمه جهانگير ڪانفرنس جي موقعي تي نوازشريف جن خيالن جو اظهار ڪيو ان سان به هن جي مايوسي جهلڪي ٿي، سلمانعابد چيو ته اهڙا ڪي رابطا نه هئا، رڳو شهباز شريف رليف حاصل ڪرڻ لاءِ ان طرح جي رابطن جو تاثر ڏيندو هو، هوڏانهن بي بي سي موجب انهن دعوائن کانپوءِ اهو بحث شروع ٿي ويو آهي ته ڇا مبينه آڊيو ليڪ ۽ بيان حلفي اسلام آباد هاءِ ڪورت ۾ نوازشريف ۽ مريم نواز جي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزائن خلاف التوا ۾ پيل اپيلن تي اثرانداز ٿي ويندا، سوال اهو به آهي ته ماضي ۾ ان نوعيت جا تڪرار ۽ مبينه ثبوت سامهون اچڻ کانپوءِ ڇا جوابدارن کي عدالتن مان رليف ملي سگهندو يا نه؟ ن ليگ جو چوڻ آهي ته اها آڊيو ليڪ ۽ راڻا شميم جي حلفي بيان جهڙن وڏن ثبوتن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ايون فيلڊ ريفرنس اپيل ڪيس ۾ پنهنجي حق ۾ استعمال ڪندي، ٻئي پاسي قانوني ماهرن جي راءِ آهي ته ن ليگ انهن ثبوتن کي هاءِ ڪورٽ ۾ اپيلن ۾ استعمال ڪري فائدو کڻي سگهي ٿي ۽ ان کي ان معاملي ۾ رليف ملڻ جا به امڪان آهن، احسن اقبال چيو ته ثاقب نثار سان منسوب ان آڊيو ٽيپ جي ڪري عدليه جي ساک تي وڏو سواليه نشان لڳي ويو آهي، جنهن جي جاچ جي سخت ضرورت آهي، آڊيو ٽيپ سان فارنزڪ رپورٽ به لڳل آهي جيڪا ان جي اصل هئڻ جو ثبوت آهي، هن سوال ڪيو ته جسٽس شوڪت صديقي جو بيان، احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي وڊيو، گلگت جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جو حلفي بيان ۽ هاڻي جسٽس(ر)ميان ثاقب نثار سان منسوب آڊيو ٽيپ کان وڌيڪ ثبوت گهربل هوندا؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.