نااهلي ڪيس، فيصل واوڊا کي جواب جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو

اسلام آباد( م ڊ) اليڪشن ڪميشن نااهلي ڪيس ۾ فيصل واوڊا کي جواب جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي قطعي دليل ڏنا ويندا. فيصل واوڊا جي وڪيل چيو ته هو لکت ۾ دليل جمع ڪرائي ڇڏيندا، پوءِ هڪ ئي وقت ٻڌا وڃن، چئن هفتن جي مهلت ڏيو. عدالت ٻه ڊسمبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ان موقعي تي عبدالقادر مندوخيل چيو ته فيصل واوڊا ايم اين اي طور مزا ماڻيا، سينيٽ جا 6 سال به گذاري ايندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.