ناظم جوکئي جو قتل افسوسناڪ، جوابدار ڪير به هجي ڪارروائي ٿيندي: منظور وساڻ

 

نواب شاهه (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته ناظم جوکئي جو قتل افسوسناڪ آهي، متاثرن سان انصاف ٿيندو.

نواب شاهه ۾ ڳالهائيندي منظور وساڻ مون کي ناظم جوکئي جي قتل جي واقعي تي تمام گھڻو افسوس آھي ۽ اسان ان واقعي جي مذمت ڪيون ٿا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سي ايم سنڌ مراد علي شاھه به اھڙي واقعي جي مذمت ڪئي ۽ صاف شفاف جاچ جو حڪم ڏنو آھي.

هن چيو وارثن جي موقف موجب ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي، ھن ڪيس جي انڪوائري ٿيندي، پوءِ ان ۾ ڪيترو به وڏو ماڻھو ملوث ڇو نه ھجي ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مقتول جي وارثن سان انصاف ڪيو ويندو، شڪار جي اجازت 80 سيڪڙو وفاقي حڪومت ڏيندي آھي، جڏھن ته 20 سيڪڙو صوبائي گورنمنٽ ڏيندي آھي.

ياد رهي ته ناظم جوکئي جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار پ پ ايم پي اي ڄام اويس گهرام پوليس وٽ پهچي گرفتاري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ملير جي عدالت ڄام اويس گهرام کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو آهي.

صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته منهنجي خلاف جيڪو نيب ۾ ڪيس ھلي رھيو آھي، ان جي 23 تاريخ آھي پر مان بلڪل مطمئن آھيان، اسان سان به انصاف ٿيڻ گھرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.