قمبر ۾ ڊرينيج جي ناڪاره هئڻ ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

قمبر (ن ع آ) قمبر فرينڊس ويلفيئر ائيڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي طرفان شهر ۾ صفائي ۽ ڊرينج جو ناڪاره هجڻ سبب جناح باغ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي مظاهرين  هٿن ۾ پلي کڻي اي سي منور سومرو ۽ ميونسپل ڪاميٽي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خالد چانڊيو  عبدالرزاق سولنگي سڪندر صنم جهنڊيل ۽ ٻين چيو ته شهر مڪمل گندگيء جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪو آهي شهر جو اهڙو ڪو محلو ناهي جتي نالين جو گندو پاڻي يا ڪچرو نه پيل هجي ڪروڙين رپين جا صوبائي فنڊ ۽ ميونسپل ڪاميٽي قمبر جي ذاتي آمدني هجڻ باوجود قمبر جا شهرين گندگي ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن هنن وزير اعلي سنڌ بلدياتي وزير کان مطالبو ڪيو ته قمبر شهر م صفائي جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهل آفسير مقرر ڪري شهرين جي پريشاني ختم ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.