هالا ڀرسان سنڌو ۾ 2 نوجوان ٻڏي فوت

هالا (ن ع آ) سنڌو درياهه هالا پراڻا ۾ مڇي مارڻ لاءِ ويندڙ ٻه دوست فرحان ولد ميٽر ڪنڀار ۽ ڪاشف ولد خداڏنو شيدي ميمڻ مٽي جي ڀڙ درياهه ۾ ڪرڻ سبب ٻڏي ويا. واقعي جي اطلاع تي درياهه جي ڪناري تي موجود ماڻهن ۽ ٻيڙي هلائيندڙ مهاڻن فوري طور تي درياهه ۾ ٻڏي ويل نوجوانن کي پچائڻ لاءِ ٽوٻن ڪجهه ڪلاڪن جي مسلسل ڪوششن سان هڪ نوجوان ڪاشف ميمڻ شيدي جي لاش کي درياهه مان ڪڍي ورتو، جڏهن ساڻس گڏ ٻڏي ويل دوست فرحان ڪنڀار جي ڪا به خبر نه پئجي سگهي آهي. واقعي جي اطلاع تي اسسٽنٽ ڪمشنر ھالا، مختيار ڪار هالا سميت پوليس جي وڏي نفري سانواقعي واري هند پهچي درياهه جي ڪناري تي ٺاهيل پڪنڪ پوائنٽ سميت درياهه جي ڪنارن تي جمع ٿيل ماڻهن پري ڪيو، ٻئي طرف صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان هالا پراڻا درياهه ۾ ٻن نوجوانن جي ٻڏي وڃڻ جي اطلاع تي پنهنجي پي اي مير مسرت جعفري کي فوري طور سخت هدايتون ڪندي درياهه ۾ ٻڏي فوت ٿيلن جي وارثن سان ملندي سندن هر ممڪن مدد ڪرڻ سميت درياهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل ٻئي نوجوانن جي ڳولا لاءِ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري، اسسٽنٽ ڪمشنر ھالا، پوليس انتظاميه کي سختي سان هدايتون ڪيون

علي گيلاني جي غائباڻي جنازي نماز، صدر ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ شريڪ

اسلام آباد (م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بزرگ ڪشميري حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي غائبانه جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز ڪالهه جمعي ڏينهن هتي فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاهڪار معيد يوسف، ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد سميت اعليٰ حڪومتي شخصيتن کانسواءِ عام ماڻهن پن جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي تحريڪ جو ستارو سمجهيو ويندڙ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي درجن جي بلندي سان گڏوگڏ ڪشميري عوام جي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کان آزادي ۽ پاڪستان جي سلامتي جي لاءِ پڻ خصوصي دعا ڪئي وئي. 03

پير پاڳاري سان ثناءُ الله زهري، عبدالقادر بلوچ جي تعزيت

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري سان سندس امڙ جي وفات تي سردار ثناءُ الله زهري ، عبدالقادر بلوچ ، همايون گبول ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا راجا هائوس ۾ ملاقات ڪري تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ملڪي خاص طور تي سنڌ بلوچستان جي موجوده سياسي صورتحال تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.