سنڌ ۾ روز هڪ ارب جي ڪرپشن ٿئي ٿي: راشد محمود

رتوديرو(ت ر)  جميعت علماءِ اسلام پاڪستان سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته ملڪ جي موجوده صورتحال عوام جي سامهون آهي باقي عالمي صورتحال ۾ تبديلي اچي رهي آهي هن چيو ته افغانستان ۾ افغاني طالبان مضبوط ٿي رهيا آهن ۽ انهن آمريڪن کي گوڏا کوڙائي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو عمران خان جي ناڪام خارجه پاليسي سبب ملڪ اڪيلائپ جو شڪار ٿي رهيو آهي رتوديرو ۾ هندو پنچائت جي اڳوڻي مکي اشوڪ ڪمار پاران ڏنل چانهه پارٽي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ جي يو آءِ ورڪرس ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ جي شهرن جي حالت اها آهي جو اهي موئن جي دڙي جو ڏيک ڏئي رهيا آهن هر هنڌ گندگي جا ڍير ۽ روڊن رستن تي گندو پاڻي بيٺل آهي سنڌ قبائلي جھيڙن جي ور چڙهيل آهي سنڌ جون زمينون ملٽي نيشنل ۽ پاڪستان جي ڪمپنين کي ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪيون پيون وڃن اسپتالن ۾ عام ماڻهو کي علاج جي ڪا به سهوليت ميسر نه آهي ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي جديد هٿيار پوليس جي هوندي ڪيئن ٿا پهچن ڇا ان جي ذميوار سنڌ پوليس ناهي هن چيو ته پوليس غريب ماڻهن ۾ ته هٿ وجھڻ ۾ دير ئي نه ٿي ڪري ڌاڙيل پوليس کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن پوليس وارن کي شهيد ڪري رهيا آهن جيڪڏهن حڪومت سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال برقرار نه ٿي رکي سگھي ته استعيفيٰ ڏئي ڌاڙيل نوابن ۽ سردارن جي ڇٽيءَ هيٺ پناه وٺي ويٺا آهن، هن چيو ته  مون کي ذاتي طور بلدياتي چونڊون جنرل چونڊن کان بعد ۾ ٿيندي نظر اچن ٿيون پر جيڪڏهن بلدياتي چونڊون پهريون ٿي رهيون آهن ته جي يو آءِ پنهنجن همدردن ، ساٿين ۽ اتحادين سان ويهي لائحه عمل جوڙي هر وارڊ ۽ يونين ڪائونسل تان ڀرپور مقابلو ڪندي هن چيو ته سنڌ جي 52 ادارن ۾ روزانو جي بنياد تي هڪ ارب روپيه ڪرپشن ٿي رهي آهي ان ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ورڪرس ڪنوينشن کي علامه ناصر محمود سومرو ، محبت علي کهڙو ، مولانا عبدالعزيز سومرو ، مولانا عبدالغفار جويو ، مولانا محمد مراد معرفاڻي احسان جمالي ، طارق سومرو ، محمد اسماعيل دراني ، غازي عبدالله ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو                     .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.