پٿوري ۽ ڀرپاسي ۾ ڪچي شراب جو وڪرو، پوليس منٿلي ۾پوري

پٿورو( ن ع آ ) پٿورو، بچابند، شادي پلي موڙ، غلام نبي شاهه سميت ننڍن وڏن اسٽاپن ۽ ڳوٺن ۾ ڪچي شراب جو وڪرو ڏينهون ڏينهن تيزي سان هلي رهيو آھي، ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڪچي شراب جون بٺيون قائم آهن، جتان روز جي بنياد تي ڪيترائي ليٽر ڪچو شراب وڪرو ڪيو وڃي ٿو، پوليس سرپرستي ۾ ھلندڙ ڪچو شراب تعلقي پٿورو ۾ ڪيترائي خاندان اجاڙي رهيو آھي، هتان جي رهواسين عوامي آواز سان ويچار ونڊيندي چيو ته ڪچي شراب جي سري عام وڪري سبب عام خاص ماڻھون سخت پريشان آھن، رهواسين اختيارين کان مطالبو  ڪيو ته پوليس کي سختي سان منشيات تي ايڪشن کڻائي ملوث ماڻھن کي گرفتار ڪيو وڃي.

جنگشاھي ۽ ڀرپاسي سماجي برايون عروج تي، ساڃاهه وندن ۾ ڳڻتي

جنگشاھي ) ن ع آ) جنگشاھي شھر ۾ سماجي برايون عروج تي آھن. شھر ۽ ڳوٺن ۾ گٽڪو، چرس، ٺرو آڪڙا پرچي سري عام. ھلندڙ آھي. گٽڪو مائو ٻيو  منشيات وکر جيان ھلڻ لڳو.  نوجوان،  ٻار،  عورتون گٽڪو واپرائڻ سان تيزي سان عادي ٿي رھيا آھن. منھن جو ڪينسر جھڙي موذي مرض۾  ڏينھن ڏينھن  واڌ ٿي رھي آھي. چرس،  شيشو، ٺرو استعمال ڪرڻ تي  ڪيترائي گھر اجڙي ويا. آڪڙا جوا سري عام ھلندڙ آھن  شھر ۽ ڳوٺن جا ننڊڙا ٻار چوري ڪري ۽  مزدور مزدوري ڪري روزانو ھزارين روپين جي آڪڙا جوا کيڏندا آھن. جنگشاھي جي سياسي، سماجي اڳواڻن آءِ جي سنڌ،  ڊي  آءِ جي حيدر آباد، ايس ايس پي ٺٽي کان مطالبو ڪيو ته جنگشاھي ۾  وڌندڙ منشيات ۽ ٻين سماجي برائين تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.