ماڌوري ڊڪشت به ويب ڊيبيو لاءِ تيار

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ماڌوري ڊڪشت ويب سيريز ۽ اسٽريمنگ سروسز جي وڌندڙ مشهوري ڏسي ويب ڊيبيو ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

ان حوالي سان ماڌوري هڪ انٽرويو ۾ اسٽريمنگ سروسز بابت ڳالهائيندي چيو ته ڊجيٽل پليٽ فارم ڪهاڻيون لکڻ ۽ ترتيب ڏيڻ وارن کي آزادي جو احساس ڏياريندو آهي، جيڪو وڏي اسڪرين نٿي ڏئي سگهي.

سندس چوڻ هو ته گذريل سال جڏهن ماڻهو گهر ۾ ويٺل هئا ته اهي رڳو ڊجيٽل پليٽ فارم جي ذريعي انٽرٽينمينٽ ماڻي پئي سگهيا، اهو ماڻهن کي چونڊ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو آهي ته ماڻهو جڏهن چاهين فلم يا وري سيريز ڏسي سگهن، انٽرٽينمينٽ لاءِ توهان کي ڪاڏي به وڃڻ جي ضرورت ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.