سيوهڻ پوليس جي ڪارروائي، ٻه ڏوهاري گرفتار

سيوھڻ ( ن ع آ ) سيوھڻ پوليس ايس ايس پي ڄامشورو محمد انور کيتران جي ھدايت تي ايس ايڇ او سيوھڻ ذوالفقار علي اوڍاڻي جي  اڳواڻي پوليس ٽيم خفيا اطلاع ملڻ تي سيوھڻ  لڳ قريشي پل ڀرسان وٽ اوچتو ڇاپو ھڻي سيوھڻ جي ٻن وڏن ڌاڙن ۽ ضلعي ڄامشورو اندر مختلف ڏوھن ۾ ملوث گروھ جي ٻن ميمبر جوابدارن پنھون ولد علي محمد ملاح ۽ صادق پريو ولد يوسف پريو ويٺل نوابشاھ کي گرفتار ڪري ورتو.  ۽ سندن قبضي مان سيوھڻ جي ٻن شھرين ۽ واپارين ياسر ميمڻ ۽ ذاھد چنا جي گھرن مان ڌاڙا ھڻي ڦر ڪيل ساڍا 4 لک روپين جي ماليت جا سونا زيور, ھڪ لک روپيا روڪ, موبائيل فون, ھڪ پسٽل, ھڪ موٽرسائيڪل ۽ ٻيو قيمتي سامان برآمد ڪري ورتو. جنهن بعد سيڪنڊ سول جج سيوھڻ عبدالواجد راھوجو جي عدالت ۾ جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ ڪرائي وئي جتي متاثر ٻنهي شھرين پاران جوابدارن جي سڃاڻپ پڻ ڪئي وئي آهي. ھوڏانھن سيوھڻ واسين سيوھڻ پوليس پاران ڪامياب ڇاپي ۾ ڌاڙي جا  جوابدارن گرفتار ڪرڻ ۽ ڦر ڪيل سامان برآمد ڪرڻ تي خوشيءَ  جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.