ٽنڊي غلام حيدر لڳ چڙهائي، تشدد، 11 ڄڻا پڪڙي گم، احتجاج

ٽنڊوغلام حيدر (ن ع آ) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ محمد جمن بهراڻي ۾ رات دير سان ٽنڊوغلام حيدر پوليس پاران ٻئي ڪاروائي دوران ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڪيترن ئي ڳوٺاڻن مردن توڙي عورتن تي سخت تشدد  ۽ گهرن ۾ موجود 11 پورهيتن تي وحشياڻي تشدد بعد گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ غائيب ڪري ڇڏيو پوليس جي مبينا ذيادتين خلاف ڳوٺاڻن عبدالستار،محمد اعظيم، محمدا سلم،علي حسن،محمد بخش بهراڻي ۽ ٻين صحافين اڳيان پوليس جي قهري ڪاروائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ٽنڊوغلام حيدر پوليس رات دير سان وڏي نفري ساڻ ڪري گهرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي سخت تشدد ڪري گهرن ۾ موجود سامان جو ڪافي نقصان ڪيو آهي ۽ اسان جي يارنهن پورهيت ماڻھن کي گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي،هنن چيو ته اسان هتي سمورا پورهيت مسڪين آهيون پوليس بيگناھ اسان جي گهرن تي ڪاروائي ڪري اسان جي نياڻين مٿان وحشياڻو تشدد ڪري اسان جي تذليل ڪئي وئي آهي ۽ بي ڏوهي پورهيتن کي گرفتار ڪري پوليس ماڻھن کي غائيب ڪري ڇڏيو آهي.  هنن آءِ جي سنڌ،ڊي آئي جي حيدرآباد سميت وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته پوليس جي دهشتگردي کي روڪي اسان غريبن کي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي ٻئي طرف پوليس جي اهڙي ڪاروائي بعد محمد جمن بهراڻي اسٽاپ پوليس جي خوف سبب مڪمل ڪاروبار بند ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.