هزاره برادري بي حس وزيراعظم جو انتظار ڪرڻ بدران لاشن جي تدفين ڪري: سنڌ سرڪار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي وزيرن هزاره برادري کي درخواست ڪئي آهي ته اهي بي حس وزيراعظم جو انتظار نه ڪن ۽ پنهنجي پيارن جي تدفين ڪري ڇڏين، پيپلز پارٽي احتجاج ڪندڙ سان گڏ آهي. صوبائي  وزير سعيد غني، سيده شهلا رضا ۽ شبير بجاراڻي ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ مڇ سانحي تي پاليسي بيان ڏيندي وزيراعظم عمران خان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته وزيراعظم ڏکويل ماڻهن کي بليڪ ميلر چئي رهيو آهي جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي. صوبائي وزير سعيد غني مڇ واقعي تي پاليسي بيان ڏيندي چيو ته سانحي تي احتجاج ڪندڙن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ درست آهي. اسان کي اميد آهي ته وزيراعظم جڏهن ويندو ڪراچي ۾ به ڌرڻا ختم ڪيا ويندا، ڌرڻن سبب ماڻهو هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ۾ نه پيا وڃي سگهن. اڄ سوشل ميڊيا تي وزيراعظم کي جيڪو ڪجهه چيو پيو وڃي اهو تمام افسوسناڪ آهي اسان کي پتو هوندو آهي ته اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون پوءِ انهن وٽ هلي ويندا آهيون. ڪوئٽا ۾ ماڻهو پنهنجي نوڪرين لاءِ نه ويٺا آهن، اتي پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومت کي برطرف ڪيو هو، اتي ان وقت تمام وڏو واقعو ٿيو هو جيڪڏهن اڄ وزيراعظم عمران خان اتي هليو وڃي ته شهيد واپس نه ايندا پر ماڻهن کي اميد آهي، وزيراعظم کي پاڻ اچڻ گهرجي. هن ملڪ جو ڪو به ماڻهو آئينده وزيراعظم مان اميد نه رکندو. هن چيو ته بلاول ڀٽو نعيم الحق جي فيملي سان تعزيت ڪرڻ چاهي ٿي پر پتو پيو ته سندس فيملي کي وزيراعظم هائوس گهرايو ويو. وزيراعظم تعزيت لاءِ سندس گهر به نه ويو. سعيد غني چيو ته وزيراعظم جيڪڏهن تعزيت لاءِ هليو وڃي ته ڏک گهٽ ٿيندو. صوبائي وزير شبير بجاراڻي چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي سخت افسوس ٿيو جڏهن وزيراعظم مچ سانحي خلاف ڌرڻي تي ويٺل مظاهرين لاءِ بليڪ ميلر جو لفظ استعمال ڪيو. هن چيو ته حيرت آهي ته ايڏو غير ذميوار بيان وزيراعظم ڏنو جڏهن ته مظلوم ماڻهو صرف ايترو چاهي رهيا آهن وزيراعظم اچي اسان کيس پنهنجو ڏک ٻڌايو. هن چيو ته اڄ هڪ ويڊيو ڏٺي هڪ شخص قرآن مٿي تي کنيل آهي پر احتجاج ڪندڙن کي بليڪ ميلر چيو پيو وڃي.. هن وفاقي حڪومت کي چيو ته دهشتگردن سان ڳالهين جو دوکو نه ڏيو جن جي گهرن ۾ جنازي جي تدفين لاءِ مرد ناهي، شرم اچڻ گهرجي ته انهن کي بليڪ ميلر چيو پيو وڃي. هن چيو ته قاتل جي ناراضگي جي ڊپ کان اوهان نه پيا اچو. صوبائي وزير شهلا رضا چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڌرڻا سنڌ ۾ آهن سنڌ حڪومت ڌرڻن کي مڪمل سيڪيورٽي ڏني آهي. هن چيو ته ڌرڻن سبب ماڻهو پريشان آهن تنهن ڪري درخواست آهي ته ڌرڻن جو تعداد گهٽ ڪيو سيڪيورٽي مسئلا اچي رهيا آهن. اجلاس ۾ ڪرونا سميت بيمار ماڻهن جي صحتيابي لاءِ پڻ دعا گهري وئي. ان موقعي صوبائي وزير شهلا رضا چيو ته شهيد چيو ته شهيدن جا وارث بي حس وزيراعظم جو انتظار نه ڪن ۽ ميتن جي تدفين ڪري ڇڏين. شهلا رضا جي اهڙن رمارڪس تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن ايوان ۾ احتجاج ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.