خيرپورناٿن شاهه ويجهو ڪار جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار فوت

خيرپورناٿن شاھ ( ن ع آ ) خيرپورناٿن شاهه ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار جو  موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ روينيو کاتي جو ملازم موقعي تي فوت ٿي ويو. انڊس هاءِ وي تي ڳوٺ لعل بخش خاصخيلي سامهون تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو،  جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ شاهي خان لغاري جو رهواسي موٽر سائيڪل سوار 50 ورهين جو روينيو ڪوٽوار قربان علي لغاري موقعي تي فوت ٿي ويو،  فوتي جو لاش تعلقا اسپتال پهچايو ويو،  جتي پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو،هوڏانهن ڪار ڊرائيور کي ڪڪڙ پوليس گرفتار ڪري ڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آھي جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.