نوابشاهه جي خانگي اسڪول ۾ جشن ميلاد جو پروگرام ، شاگريادڻين نعتون پڙهيون

نوابشاهه(ڊ ر )  جشنِ عيد ميلاد النبي صه جي خوشي ۾ نوابشاهه جي علائقي غلام رسول شاهه ڪالوني ۾ قائم ٿيل نجي اسڪول ۾ شاگردن، شاگردياڻين ۽ ٽيچرن پاران محفل ميلاد منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ معصوم شاگردن ۽ شاگردياڻين خديجه، بلال، عبدالغني، فلڪ، مزمل، مدثر ۽ ٻين  نعتون پڙهي اسڪول ۾ موجود ٽيچرن ۽ ٻارن جي والدين کي جهومائي ڇڏيو انهي موقعي تي خطاب ڪندي ٽيچرن چيو ته حضرت محمد صه جي آمد جي خوشي ملهائڻ ۾ ننڍڙا ٻار به ڪنهن کان گهٽ ناهن . هنن چيو ته  ربيع الاول جو مهينو اسان ملسلمانن لاءِ تمام ڀلارو مهينو آهي محفل ۾ معصوم ٻارڙن ۽ والدين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

خيرپور  جي مختلف ڳوٺن ۾   عالمي مشائخ ڪائونسل جي ضلعي صدر کي آجياڻو ڏنو ويو

خيرپور ( ڊ ر ) ڏاڍ ظلم ۽ زيادتي جا واقعا وڌي رھيا آھن. سجاڳ ٿيڻ جي ضرورت آهي سنڌ صوفين جي  جي ڌرتي آهي ظلم برداشت نه ڪيو ويندو اھڙو اظهار درگاھ حضرت سيد گل شاھ موسوي فتح پور جي  سجاده نشين پاڪستان عالمي مشائخ ڪائونسل خيرپور جي ضلعي صدر پروفيسر سيد ضمير حسين شاھ موسوي خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن جسڪاڻي ڪنب ننگريجا راڻي پور جو روحاني دورو ڪيو مختلف ھنڌن تي سندس مان ۾ مريد جماعت پاران منعقد ڪيل آجياڻن ۾ ھن امن اتحاد خوشحالي جي قيام سميت ڪروڻا وائرس جي خاتمي لاءِ خاص دعا گهري.

ڏهرڪي ۾ ديوالي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ ينگ ٽائيگر اليون جي سوڀ

ڏهرڪي (ن ع آ)ڏهرڪي جي الفتاح ماڊل ٽائون ۾ ڏياري جي حوالي سان ديوالي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ٿي گذريو جنهن ۾  فائيو اسٽار اليون جي رانديگرن پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 4 اوورن ۾ ٽن رانديگرن  جي آئوٽ ٿيڻ باوجود رڳو 22 اسڪور ڪري سگهي جنهن بعد ينگ ٽائيگر اليون جي رانديگرن مقرر هدف ٻن وڪيٽن جي نقصان تي ٽن اوورن ۾ پورو ڪري 8 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي ديوالي  ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل کٽي ورتو جنهن بعد ڪامياب ٽيم جي رانديگرن کي ڏهرڪي بار جي صدر ڄام عبدالفتح سميجو، سينئر وڪيلن غلام رسول مهر، سليم اختر ملڪ، مڪيش ڪمار،نندلعل ۽ ٽورنامينٽ جي آرگنائيز ونود ڪمار،مڪيش ڪمار ۽ ٻين ٽرافي ۽ 10 هزار روپيه روڪ انعام ڏنو واضع رهي ته ٽورنامينٽ ۾ 8 ٽيمن حصو ورتو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.