سي ايم ايڇ حيدرآباد جي ڪمانڊنٽ برگيڊيئر جو اسريٰ يونيورسٽي جو دورو

حيدرآباد (پ ر) اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد ڪئمپس ۾ سي ايم ايڇ حيدرآباد جي ڪمانڊنٽ برگيڊيئر عرفان خان پاڪستان آرمي ميڊيڪل ڪور جي وفد سان گڏ اسريٰ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير اشرف لغاري سان ملاقات ڪئي ۽ سي ايم ايڇ حيدرآباد ۽ اسريٰ يونيورسٽي اسپتال وچ ۾ فورسز جي جوانن ۽ شھرين کي بھترين طبي سھولتون ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ڪمانڊنٽ سي ايم ايڇ برگيڊيئر عرفان خان اسريٰ يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ ايم بي بي ايس جي چوٿين ۽ پنجين سال جي شاگردن کي ايم ڪيڊٽ جي حيثيت سان فوج ۾ شامل ٿيڻ جي ترغيب ڏني ۽ نوجوان شاگردن کي پاڪستان آرمي ۾ ڊاڪٽر جي حيثيت سان پنھنجون خدمتون پيش ڪرڻ لاءِ مختلف مرحلن بابت ٻڌايو ۽ چيو تھ اسان بحيثيت ڊاڪٽر بھ پنھنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگھون ٿا، برگيڊيئر عرفان ٻڌايو تھ پاڪ فوج ۾ ايم ڪيڊٽ جي رجسٽريشن آڪٽوبر جي آخري ھفتي تائين جاري رھندي،  انھن شاگردن کي پاڪستان جي قيام امن ۽ جنگ جي وقت ۾ فوج جي ڪردار متعلق دستاويزي فلم بھ ڏيکاري، برگيڊيئر عرفان خان آرمي ميڊيڪل ڪور ۾ پنھنجي مختلف شعبن جيئن اسپتال مئنجمينٽ، طبي ماھر ۽ بنيادي ميڊيڪل سائنس جي ماھر جھڙن اھم شعبن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڳالھائيندي برگيڊيئر عرفان خان ٻڌايو تھ سي ايم ايڇ حيدرآباد ۾ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ٿو تھ جيئن ڪنھن مريض يا طبي عملي کي مشڪلاتون پيش نھ اچن، ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار مميڻ، ڊاڪٽر شفيع جتوئي، پروفيسر ڊاڪٽر آصف برني، ڪرنل افتخار، زاھد قريشي، ميجر آصف، ڪئپٽن علي، ڊاڪٽر سلمان فارسي ۽ ڊاڪٽر سجاد قاضي سميت ايم بي بي ايس جي شاگردن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.