پي سي بي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرن کي ٽيڪائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرن جي ڪانٽريڪٽس جي ماهوار وظيفي ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

پي سي بي موجب اي پلس ڪيٽيگري ۾ شامل 10 رانديگر ڏيڍ لک رپيا ماهوار حاصل ڪندا، جڏهن ته اي ڪيٽيگري ۾ شامل 38 رانديگر 85 هزار رپيا ماهوار وصول ڪندا.

بورڊ جو چوڻ آهي ته ڪيٽيگري بي ۾ شامل 48 رانديگرن کي 75 هزار رپيا ماهوار ملندا ۽ ڪيٽيگري سي ۾ 72 رانديگر ماهوار 65 هزار رپيا حاصل ڪندا، جڏهن ته ڪيٽيگري ڊي ۾ شامل 24 ڪرڪيٽرن کي 40 هزار رپيا ماهوار وظيفو ڏنو ويندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته ڊوميسٽڪ ڪانٽريڪٽ رکندڙ رانديگرن کي ماهوار وظيفي سان گڏوگڏ ميچ فيس پڻ ڏني ويندي.

واضح رهي ته تازو پي سي بي ڊوميسٽڪ سيزن 21-2020 جي شيڊيول جو اعلان ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.