سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ منصوبابندي جي ضرورت

عتيق ملاح

سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگار ۽ هاري مسلسل احتجاج ڪندي نظر ايندا رهيا آهن، جن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري ويل هوندي آهي اتي زرعي معيشيت تباهي جي ڪناري تي پهتل نظر ايندي آهي، پاڻيءَ جي کوٽ واري صورتحال جي نتيجي ۾ هڪ طرف زراعت کي نقصان پهتو آهي ته ٻئي طرف ڪيترائي هاري ۽ مزدور بيروزگاري جو شڪار ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ هڪ طرف پاڻيءَ جي کوٽ آهي ته ٻئي طرف جيڪو به پاڻي اچي ٿو ان مان بااثر ماڻهو پنهنجي زمين جو پاڻي پورو ڪرڻ لاءِ پڇڙي جي آبادگارن جي پاڻيءَ تي ڌاڙو پڇڙي جي آبادگارن ۽ هارين کي پاڻيءَ جي لاءِ پريشان ڪندا رهن ٿا.

پاڻيءَ جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڻيءَ جي بچاءُ لاءِ جديد طور طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ گهٽ پاڻيءَ تي وڌيڪ اپت حاصل ڪرڻ جا تجربا ٿيندا رهيا آهن ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهڙي قسم جا تجربا ڪامياب پڻ ٿيا آهن، پر سنڌ ۾ اڃا تائين اهڙي قسم جي ٽيڪنالوجي اچڻ جي باوجود ان کي استعمال هيٺ گهٽ پاڻيءَ تي فصل پوکڻ وارو رجحان اڃا وڌي نه سگهيو آهي.

ماحولياتي تباهي ۽ ٻين ڪارڻن جي ڪري سنڌ جي زراعت به متاثر ٿي آهي، ان ڪري زرعي جنسن تي به خراب اثر به پيا آهن، جيتوڻيڪ هن وقت پاڻي جو مسئلو به وڏي پئماني تي وڌيو آهي، پاڻي جو بحران ايندڙ وقت ۾ اڃا به وڌي سگهي ٿو، سماجي ۽ سائنسي ماهرن پاڻي جي بحران تي اڳڪٿي اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏي آهي، پاڻي کي بچائڻ لاءِ وڌ کان وڌ منصوبابندي ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ منصوبابندي ٿي به رهي آهي ۽ ان لاءِ رٿابندي پڻ ٿيندي رهي آهي، جڏهن ته زرعي جنسن سبزيون  فروٽس جي پوک لاءِ پاڻي ڏيڻ جي لاءِ جديد ٽئنڪنالاجي به متعارف ٿي آهي، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪجهه هنڌن تي آبادگار اهڙي ٽيڪنالوجي مان فائدو وٺي رهيا آهن، پر اڃا تائين اهڙي ٽيڪنالوجي متعارف ڪرائيندڙ هن ٽيڪنالوجي کي مڪمل طور تي سنڌ جي آبادگارن تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن، ڪيترائي آبادگار اهڙي ٽيڪنالوجي کي پيسي جو زيان سجهندي زراعت جي پراڻن طور طريقن کي اختيار ڪري ويٺا آهن، پر جيئن ته هاڻ دنيا اندر جديد ٽيڪنالوجي جتي هر شعبي ۾ پنهنجي جاءِ والاري آهي اتي زراعت ۾ به جدت آئي آهي، اڪثر ڪم هاڻ مشينون ڪري رهيون آهن، اتي گهٽ پاڻيءَ تي وڌيڪ اپت حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم به ٿي رهيو آهي.

ڊرپ اريگيشن ۾ پائپ وسيلي ٻوٽن کي پنهنجي ضرورت مطابق سٺي مقدار ۾ پاڻي ملي ٿو، ان ڊرپ اريگيشن گهٽ پاڻي ضايع ٿئي ٿو ۽ ٻوٽي جي پاڙ ۾ صرف اهو پاڻي پهچي ٿو، فلڊ ايريگيشن واري نظام کان بچڻ لاءِ اهڙي ٽيڪنالوجي متعارف ڪرائي وئي آهي.

پاڻي جي کوٽ جي ڪري معاشي بدحالي اهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي جو سنڌ جي ڳوٺن ۾ ماضي جي مقابلي ۾ اها رونق ناهي رهي جيڪا اڳ هوندي هئي. سنڌ جون زمينون زرخير ۽ ڀلوڙ آهن  پر پاڻي جي کوٽ انهن زمينن کي بٺن جي حوالي ڪري تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.