ڪنگنا رناوت جو صحافين کان معافي گهرڻ کان انڪار

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت آئي ڏينهن ساٿي اداڪارن ۽ ٻين شوبز شخصيتن سان اختلافن سبب خبرن ۾ هوندي آهي.

ماضي ۾ جتي هوءَ ريتڪ روشن، دپيڪا پڊڪون، ڪرن جوهر، عاليه ڀٽ، رنبير ڪپور، اديتيه پنچولي ۽ تاپسي پنو کي تنقيد جو نشانو بڻائي چڪي آهي.

اتي تازو ئي هن پنهنجي فلم جي مشهور دوران صحافي کي به دڙڪا ڏنا، اداڪارا طرفان پريس ڪانفرنس دوران سوال پڇندڙ ڀارتي شوبز رپورٽر جسٽن رائو سان بدتميزي ڪئي وئي ۽ ۽ کيس پنهنجو قرار ڏنو هو.

پريس ڪانفرنس دوران جسٽن رائو ڪنگنا رناوت کان فلم بابت سوال پڇڻ چاهيو، پر ڪنگنا رناوت کيس تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هو سندس سوالن جو جواب نه ڏيندي، ڇو جو هو ان کان اڳ سندس فلم ” مني ڪارنيڪا“ خلاف به غلط ڳالهيون لکندو پيو اچي.

ڪنگنا رناوت جسٽس جي سوچ کي منفي قرار ڏيندي چيو ته هو سندس دشمن بڻجي چڪو آهي ۽ سندس باري ۾ اڻ وڻندڙ ڳالهيون لکي رهيو آهي.

رپورٽر ڪنگنا رناوت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اهو انداز صحيح ناهي، جيڪڏهن توهان هڪ طاقتور هنڌ تي ويٺيون آهيون ته ان جو مطلب بنهه ناهي ته رپورٽرن کي ڊيڄاريو.

رپورٽر سان بدتميزي ڪرڻ ۽ کيس دڙڪا ڏيڻ کانپوءِ اداڪارا تي تنقيد ڪئي وئي ۽ صحافين جي تنظيم کائنس معافي جو مطالبو به ڪيو.

ڪنگنا رناوت جي رويي تي ” انٽرٽينمنٽ جرنلسٽ گلڊ“پنهنجي بيان ۾ اداڪارا کان معافي جي گهر ڪئي ۽ گڏوگڏ اداڪارا تي واضح ڪيو ته جيڪڏهن هوءَ معافي نه گهرندي ته سندس بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

صحافين جي نتظيم اداڪارا تي واضح ڪيو ته معافي نه وٺڻ جي صورت ۾ سندس ايندڙ فلم ججمنٽل هي ڪيا جي مشهوري مهم نه ڪئي ويندي.

صحافين طرفان ڌمڪيون ڏيڻ باوجود به ڪنگنا رناوت معافي گهرڻ لاءِ تيار ناهي، ادڪارا جي ڀيڻ رنگولي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪنگنا جون ٻه نيون ويڊيوز شيئر ڪيون جنهن ۾ هن واضح ڪيو ته هو صحافين کان معافي نه گهرندي پر کين درخواست ڪري ٿي ته صحافي سندس بائيڪاٽ ڪن.

اداڪارا پنهنجي خلاف واويلا ڪندڙ صحافين کي غدار، ملڪ دشمن، وڪائو قرار ڏيندي چيو ته هوءَ هنن کان معافي نه گهرندي.

ڪنگنا رناوت وڌيڪ چيو ته جنهن نموني ٻين شعبن ۾ سٺا ۽ خراب ماڻهو هوندا آهن، اهڙي طرح صحافت ۾ به سٺا ۽ خراب ماڻهو موجود آهن. گڏوگڏ اداڪارا ڀارتي صحافت جي ساراهه به ڪئي ۽ مڃو ته سندس دوست صحافين سبب ئي هوءَ ان مقام تي پهتي آهي، پر هن واضح چيو ته ڀارتي صحافت  جو هڪ مخصوص گروپ اڏوهي جيان ملڪ کي کائي رهيو آهي.

ڪنگنا رناوت ڪنهن به صحافي نه نالو وٺڻ بنا چيو ته اهڙا صحافي سيڪولر بڻجڻ جو ناٽڪ ڪندا آهن، حقيقت ۾ اهي ملڪ ۽ قوم کي اڏوهي وانگر چٽي رهيا آهن.

اداڪارا ٻنهي ويڊيوز ۾ رپورٽ جسٽن رائو جو نالو کڻڻ بنا ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پريس ڪانفرنس دوران ميلو، هو ۽ اهڙي قسم جا ٻيا صحافي سندس سٺن منصوبن خلاف به سازش ڪندا رهيا آهن.

ڪنگنا رناوت اهڙن صحافين کي سستي اگهه تي وڪرو ٿيندڙ صحافي قرار ڏيندي چيو ته اهو ملڪ دشمن ۽ غدار صحافي آهن، مان کانئن معافي نه وٺنديس پر پر کين منٿ ڪنديس ته هو منهنجو بائيڪاٽ ڪن.

اداڪارا دعويٰ ڪئي ته اهڙا صحافي سندس بابت خبرون ٺاهي ئي روزي ڪمائي رهيا آهن.

You might also like